تلهار واسڻ کي جوابدارن ڪم بهاني ڪراچي آڻي گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

تلھار )ن ع آ) تلھار ۾ گھرن ۾ پورھيو ڪندڙ نياڻين جي گمشدگي جو انڪشاف ٿيو آھي، متاثر اشرف ماڇي ۽ ٻين صحافين آڏو ڌانھيندي  الزام ھڻندي چيو ته صائمه خواجا اسانجي نياڻي ڪنول کي ڪراچي ۾ ھڪ گھر ۾ ڪم جي بھاني سان ڳالهه ٻولهه ڪري پاڻ سان گڏ وٺي وئي ھئي، جيڪا ھڪ مھيني کان واپس گھر ناھي پھتي، ماڇي برادري جي ماڻھن پاران الزام ھيٺ آيل صائمه خواجا جي پيءُ  انور علي خواجا ۽ ڀاءُ سڪندر علي خواجا صحافين کي ٻڌايو ته اسان ھن سموري مسئلي ۾ ڪٿي به ملوث ناھيون، ماڇي برادري جا ماڻھو خود نياڻي جو پيءُ اشرف ماڇي به غلط بياني پيو ڪري جيڪا ڇوڪري صائمه پاڻ سان گڏ وٺي وئي ھئي اھا ته ڇوڪري ڪراچي مان واپس آڻي نيڪ مردن جي آڏو اسان واپس ڪري ورتي ھئي. جڏهن ته ناري جي وارثن پاران سيشن ڪورٽ ۾ داخل پڻ ڪرائي وئي آھي، جنھن جي ايندڙ 9 تاريخ رکيل آھي، متاثرن وزير اعظم پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، سيشن ڪورٽ بدين ايس ايس پي بدين کان واقعي جي جاچ ڪرائي سندس نياڻي بازياب ڪرائي انصاف سان گڏ تحفظ ڏياريوجو مطالبو پڻ ڪيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.