ڇا، طالبان سڌري ويا آهن؟

تحرير:پرويز هود ڀائي

ڪابل فتح ڪندڙ طالبان جي خواهش آهي ته هاڻي انهن کي حڪمران سمجهيو وڃي، نه ڪي رڳو هڪ مذهبي جنگجو هٿيار بند. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪي سطح کان وٺي بين الاقوامي سطح تائين بند ڪمرن ۾ اجلاس جاري آهن ته جيئن افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت جوڙي سگهجي جنهن ۾ طالبان کان سواءِ ٻيون قوتون به شامل هجن. ڇا طالبان جون اهڙيون ڪوششون ڪامياب ٿي سگهنديون، جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ انهن افغان نوجوانن جو ڇا ٿيندو جيڪي شهري ۽ انٽرنيٽ جي ثقافت جي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ اهي ستين نه پر ايڪويهين صديءَ ۾ زنده رهڻ چاهين ٿا؟، جڏهن ته انهن کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ اهڙيون سهولتون کسي ورتيو ويون آهن.

ملا عمر جي قيادت ۾ طالبان جي گذريل دور ۾ جيڪو ( 1996ع کان 2001ع) تائين جاري رهيو ان دور ۾ طالبان جو ڌيان رڳو امرالمعروف و نهي عن المنڪر جي نفاذ تي رهيو، طالبان جي تربيت پاڪستان جي جن مذهبي ادارن ۾ ٿي هُئي، انهن ادارن ۾ کين اهو ئي سيکاريو ويو هو ته هو هڪ مذهبي پوليس واري جو ڪردار ادا ڪندي ماڻهن جا اخلاق بهتر ڪن، ان جي ابتڙ لبرل مذهبي عالمن جي بقول امربالمعروف و نهي عن المنڪر جو مطلب اهو آهي ته ايمان وارا پنهنجي نفس تي ضابطو آڻي سڌي راهه اختيار ڪن.

ملا عمر جي دور ۾ طالبان سندس جي اهڙي فڪر کي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن زنا ڪارن جو سنگسار ڪيو، چورن جا هٿ ڪٽيا ۽ انهن کي سري عام ڪوڙا هنيا، ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪري ڇڏيا ۽ عورتن جي گهرن مان نڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، باميان ۾ ٻڌ جي ٻه هزار سال قديمي مجسمي کي ٽوڙي ڇڏيو، افغانستان جي پراڻي نسل ته ڪڏهن اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ٻڌيون هيون ۽ نه ئي وري اهڙا واقعا  اکين سان ڏٺا هيا، جڏهن ته اهي ويڙهاڪ طالبان ۽ انهن جا اڳواڻ جيڪي پرڏيهي مدد ۽ ڀتن جي سهاري زندگي گذاريندا هيا، اهي اها ڳالهه سٺي نموني سمجهندا هيا ته معاشي ضرورتون تبديليءَ جي تقاضا ڪري رهيون آهن ۽ اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي رهي آهي.

جن ماڻهن کي دوها جي پرآسائش هوٽلن جي ڪمرن يا وري ڪوئٽا ۽ پشاور جي بنگلن ۾ رهڻ جي عادت بئجي چڪي آهي، انهن لاءِ هاڻي مشڪل آهي ته اهي پنهنجن پهاڙي گهرن ڏانهن واپس ٿين جتان انهن پرڏيهي حملي آورن خلاف جنگ جي شروعات ڪئي هُئي ۽ جنگ وڙهي، هاڻي سچ ته اهو آهي ته طالبان هڪ اهڙي سٺي زندگيءَ جا خواهشمند آهن جيڪا انهن جي دشمن جي ايجاد آهي، هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جو طالبان يا شايد انهن جي ايندڙ نسلن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پاڪستان يا وري  افغانستان ۾ ڦهليل مدرسن بجاءِ پنهنجي ملڪ جي معمول جي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين. ان لاءِ ضروري آهي ته امداد ايندي رهي، ان کان به اڳتي اهم ڳالهه اها آهي ته افغانستان جي مٽيءَ جي هيٺيان کربين ڊالرن جي ملڪيت جا هيرا موتي ۽ ٻئي معدنيات دفن آهي جنهن کي به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ فني مهارت، اوزار ۽ امداد ٻاهر کان ئي ايندي آهي. ڪيترائي ملڪ خاص ڪري روس ۽ چين انهن معدني ذخيرن ۾ دلچسپي رکن ٿا، جنهن جو مقصد اهو ئي آهي ته علائقائي سياست جا ڪيترائي حربا، داءَ ۽ سودي بازيون سامهون اينديون.

انهيءَ سموري راند ۾ پاڪستان کي پنهنجو مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته چين بابت چيو ٿو وڃي ته اتان جا ماڻهو هر چرندڙ پرندڙ شيءِ کي کائي ويندا آهن پر پراڻي قسم جا طالبان انهن کان به هضم ٿي نه سگهندا، ٿي سگهي ٿو ته زن زيانگ کي به بدنظمي ٿي پئي، ٻئي طرف طالبان جي پراڻن اتحادين سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کي اهو خوف لاڳو ٿي پيو آهي ته ڪٿي طالبان جي انتها پسندي سندن ملڪن ۽ معاشرن ۾ نه ظاهر ٿئي تنهنڪري اهي پنهنجن معاشرن ۾ اصلاحات ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان ڏس ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پاڪستان کي هڪ ٽياڪڙ جي صورت ۾ قبول ڪري سگهجي ٿو ڇو جو نئون پاڪستان جوڙيندڙ اڳواڻ ” نئون طالبان“ ( اهو اصطلاع روزاني ڊان جي ڪالم نگار نياز مرتضيٰ متعارف ڪرايو آهي ) نظرياتي حوالي سان هڪ ئي آهن. ٻئي اولهه جي تعليم، لباس ۽ زبان جي خلاف آهن، ٻئي شلوار قميض يا پڳڙي وارو لباس زيرتن ڪن ٿا ۽ ٻنهي جي ويجهو اخلاقيات جو معيار روزه ۽ نماز آهي. ڪابل تي طالبان جي قبضي بعد عمران خان پنهنجي خوشيءَ جواظهار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو، ان جو چوڻ هيو ته، ” افغانستان غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن“.

نئون ڍانچو جوڙڻ لاءِ ظاهر آهي ته ” نوان طالبان“ انهن قوتن طرف ئي رجوع ڪندا جن انهن کي ڪاميابي ڏياري آهي، ها پر ٿورو احتياط به ضروري آهي، عقل منديءَ جي تقاضا اها آهي ته طالبان انهن ماڻهن سان تعلق گهٽ رکن جيڪي منافق آهن، پر حقيقت اها آهي ته طالبان پاڻ منافق نه آهن، انهن کي اها به چڱيءَ طرح خبر آهي ته سندن ساٿين کي گونتاناموبي قيد ۾ ڪنهن پهچايو، جتان اڃان ڪيترائي قيدي واپس اچي نه سگهيا آهن.

جنرل مشرف پنهنجي دور ۾ جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان جي پوئين پاسي لکيل آهي، ”672 طالبان کي اسان گرفتار ڪيو، جڏهن ته 369 کي آمريڪا جي حوالي ڪيو ويو، انهن کي گرفتار ڪرائي اسان ڪروڙين ڊالر حاصل ڪيا“، يادون ايترو آسانيءَ سان نه مٽبيون آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جا فاتح ماضيءَ جي ڌوڪن کي ياد نه ٿا ڪن ۽ نه ئي انهن جو ذڪر ٿا ڪن.

ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ طالبان جي انتهائي اعتماد جوڳا دوست موجود آهن، ڪجهه ئي ڏينهن اڳ اسلام آباد جي جامعه حفضه جي ڇت تي طالبان جو جهنڊو جولائي مولانا عبدالعزيز ۽ ان جي ساٿين افغانستان جي فاتحين کي اهو پيغام ڏياري موڪليو هو ته ، ” جڏهن اوهان تي تورا بورا ۾ بمباري ٿي رهي هُئي تڏهن به اسان اوهان سان گڏ هياسين ۽ هاڻي جڏهن اوهان فاتح ٿي ويا آهيو تڏهن به اسان اوهان سان گڏ آهيون“.

ڪنهن کي اها ڳالهه پسند اچي يا نه اچي پر اها حقيقت آهي ته ايف پاڪ ( AfPak)  هاڻي حقيقت بڻجي چڪي آهي، اهڙو اصطلاع آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جيڪو پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهن کي پسند نه آهي پر لڳي ٿو اهڙي قسم جو اصطلاع بلڪل به درست آهي، نه صرف ٻنهي ملڪن جون جاگرافيائي  حدون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون پر ان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن جا نظريه به هڪ ٻئي سان ملن ٿا، هاڻي طالباني سوچ ۽ فڪر سموري پاڪستان ۾ ڦهلجي چڪو آهي.

هندستان کي افغانستان مان نيڪالي ڏني وئي آهي، جنهن بعد پاڪستان جو اسٽريٽجڪ خواب پورو ٿي چڪو آهي، ڇا هاڻي اسان کي نرواڻ ملي چڪو آهي؟، ها پر اڃان اڌ مليو آهي، مڪمل نه. انهيءَ خوف جي ڪري ته هاڻي وارا نوان طالبان پڻ پراڻن طالبان جهڙا هوندا، لکين افغان شهري ملڪ ڇڏي چڪا آهن، جڏهن ته هاڻي پاڪستان ۾ افغان مهاجرين جي اچڻ جي اهي ماڻهو به مخالفت ڪري رهيا آهن جيڪي اڳ انهن جي شدت سان حمايت ڪندا هيا.

برصغير پاڪ ۽ هند جو پلان اسلام ازم جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڪثر پاڪستانين جي دلين ۾ طور خم جي سرحد وٽ دم ٽوڙي ويهندو آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ” نئين طالبان“ جي ڪا ٻي سوچ هُجي، افغان قوم پرستي ڪامياب رهي آهي، ثقافتي ۽ لساني تسلسل کي سرحد تي ديوار بڻائي روڪي نه ٿو سگهجي، تاريخ جي سڀ کان طاقتور سلطنت کي شڪست ڏيڻ بعد گهاگ ۽ ڪٽر طالبان انگريز جي جوڙيل سرحدي لائين کي هاڻي ڇو مقدس سمجهندا؟.

پاڪستان کي پنهنجي سرحد افغان مهاجرين لاءِ کولڻ گهرجي، ايئن نه ڪرڻ هڪ غير اخلاقي حرڪت هوندي، پنهنجو اثر استعمال ڪندي پاڪستان جي حڪومت کي طالبان کي اهو باور ڪرائڻ گهرجي ته  ” دنيا انهن جي پهرين جهڙي بربريت ۽ ظلم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هي اهو دور نه آهي جو عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪري رکجي يا وري انهن کي برقن ۾ لڪائي ويهارجي، لساني ۽ مذهبي اقليتن تي ظلم ڪري انهن کي مارايو وڃي، پر اهي سموريون ڳالهيون طالبان کي سمجهائڻ کان اڳ اسان کي پنهنجي گهر جا معاملا درست ڪرڻا پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.