پاڪستان تاريخ جي مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪري ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تاريخ جي مهانگي ترين ايل اين جي خريد ڪري ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته رڳو ٽن مهينن ۾ قومي ناڻي کي 50 ڪروڙ ڊالر يعني 83 ارب رپين جو نقصان ٿيو.

پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت مارڪيٽ ويليو کان 30 سيڪڙو مهانگي ايل اين جي خريد ڪئي پر قومي احتساب بيورو (نيب) جمعي جي ڏينهن 5 سال اڳ قطر کان13.3 سيڪڙو جي معاهدي تي ٻن اڳوڻن پيٽروليم سيڪريٽريز، پي ايس او، ايس ايس جي سي ۽ ايس اين جي پي ايل جي اڳوڻن ايم ڊيز کي طلبي جا نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.