طالبان جو آمريڪا کي 31 آگسٽ تائين الٽيميٽم، فوجين جي نيڪالي تائين حڪومت نه ٺاهڻ جو اعلان

ڪابل (م ڊ) طالبان جي ترجمان سهيل شاهين اسڪائي نيوز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته طالبان آمريڪا کي 31 آگسٽ تائين افغانستان مان آمريڪي فوجين جي مڪمل نيڪالي نه ٿيڻ جي صورت ۾ خبردار ڪيو آهي  ته نيڪالي ۾ توسيع ڪئي ته آمريڪا کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ برطانيا هٿان کان نيڪالي لاءِ وڌيڪ وقت چاهين ٿا ته اسان جو جواب نه آهي ، جيڪڏهن اهي هتي قبضو جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪن ٿا ته ان سان هڪ خطرناڪ ردعمل پيدا ٿيندو، هن چيو ته ڇوڪرين جا اسڪول بند نه پيا ٿين، فرق رڳو آهي ته جيڪڏهن اهي حجاب نٿيون پائن ته کين اهو پائڻو پوندو، هن چيو ته عورت استادن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، عورت صحافين به پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي ٻئي پاسي طالبان اهو به چيو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي ۽ مڪمل نيڪالي تائين اهي نئين حڪومت قائم نه ڪندا هوڏانهن طالبان جي اهم ڪمانڊر خليل الرحمان حقاني افغانستان ۾ هڪ جامع حڪومت جي قيام جي سلسلي ۾ عالمي ڳڻتي کي دور ڪندي چيو آهي ته امارات اسلامي افغانستان سمورن سياسي گروپن ۽ مقامي برادرين تي ٻڌل نمائنده حڪومت هوندي. پي ٽي وي، اي پي پي ۽ پي بي سي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان دنيا آڏو اسلامي امارات افغانستان جي عملي صورت پيش ڪنداسين ۽ سڀ کان اڳ اسان پنهنجي پاڻ تي شرعي قانون لاڳو ڪنداسين ۽ پوءِ انهن قانونن کي عوام تي لاڳو  ڪنداسين. هن چيو ته افغانستان ۾ ڪو به جبر نه هوندو، جڏهن ته هن حڪومت لاءِ ڪو مناسب ڍانچو پيش نه ڪيو. ڪابل تي طالبان جي قبضي کان پوءِ دنيا کي ڳڻتي ٿي وئي ته افغانستان ۾ نئين حڪومت ۾ اقتدار جي حصي لاءِ ويڙهه شروع ٿي ويندي جڏهن ته خليل الرحمان حقاني خاطري ڪرائي ته دنيا کي ان حوالي سان وڌيڪ پريشان ٿيڻ نه گهرجي. هن ٻڌايو ته اڳوڻي صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني پڻ اسلامي امارات افغانستان لاءِ پنهنجي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.