ڪيٽي بندر واسي 2 مهاڻا ڀارت مان آزاد، گهر ۾ جشن

ڪيٽي بندر (ن ع آ ) ڪيٽي بندر جي ڳوٺ جنگيسر جا ٻه مھاڻا ڀارتي جيلن مان آزادي ماڻي گھر پھچي ويا، علي بخش۽ مبارڪ ملاح کي سورنھن ڏينهن اڳ واگھا بارڊر تان پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو ويو ڪرونہ جي ڪري چوڏانھن ڏينھن لاھور۾رکڻ کان پوءِ ڪلھ ريل زريع ڪراچي روانہ ڪيا ويا جتان کين اج سندن گھر ڏانهن روانو ڪيو ويو، ياد رهي ته چار سال ست مھينا اڳ سمنڊ۾مڇي جو شڪار ڪندي بارتي نيوي ھٿان ڇھويھ ماھيگير چار ھوڙن سميت پڪڙيا ويا هئا جن مان ھنن سميت ڏھ ماھيگير واپس پھچي چڪا آهن اجان سورنھن ماھيگير بارت۾ قيد آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.