پاڪ افغان لاڳاپا، تاريخ جي روشني ۾

تحرير: طفيل مگسي

ماضيءَ جي هڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق ڪهڙيءَ ريت ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت تي راتاهو هڻي ۽ ڀٽو صاحب بيگناهي جي پاداش ۾ ڦاسي چاڙھي اقتدار جون ناجائز واڳون پنهنجي هٿ۾ ڪيون ۽ پوءِ پنهنجي ناجائز اقتدار کي جائز يعني حلال ڪرڻ جي لاءِ عالمي سامراجي طاقتن جي حڪم تي رياستي پروپيگنڊا جو دھل وڄائي ۽ عوام کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سوويت يونين اصل ۾ افغانستان ۾ پنهنجيون فوجيون ان ڪري موڪليون آھن ته جيئن هندي سمنڊ جي گرم پاڻين تائين پهچي سگهي.

جڏهن تاريخي حقيقتون اسان کي اهو ٻڌائين ٿيون ته افغانستان اڳ ۾ ئي سوويت يونين جي حامي بلڪ اثر هيٺ سوشلسٽ/ ڪميونسٽ رياست بڻجي چڪو هو.۽ 1979ع ۾ افغانستان ۾ روسي فوجين جي داخلا تائين هن جي حيثيت محض ھڪ سوويت پراڪسي رياست جي هئي.ڪابل ۾افغان ڪميونسٽ وارٽي(پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان) جو هڪ ڌڙو(پرچم) اقتدار ۾ ھو ۽ پرچم پارٽي سان تعلق رکڻ واري نور محمد ترڪئي افغانستان جي پهرين صدر دائود جو تختو اونڌو ڪري اقتدار ۾ آيو هو.بعد ۾ هن نهايت ئي کاٻي ڌر جي سوشلسٽ سڌارن جو پڻ اعلان ڪيو هو.جڏھن ته افغانستان ڪميونسٽ پارٽي جو ٻيو ڌڙو“خلق“به اقتدار جي حاصلات جي خاطر سوويت يونين کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياري رهيو هو.نيٺ 1979ع ۾ خلق فيڪشن جي حفيظ الله امين هڪ ڪامياب طريقي جي نتيجي ۾ ترڪئي کي قتل ڪري اقتدار تي قابض ٿي ويو.افغان ڪميونسٽن جي اها اهڙي ڇڪتاڻ ھئي.جنهن اندريون حالتون نهايت خراب ڪري ڇڏيون هيون.هاڻي پرچم فيڪشن جي مخالف سياستدانن کي چونڊي چونڊي ڪري قتل ڪيو ٿي ويو هو.جنهن دوران ببرڪ ڪارمل۽ ٻين ليڊرن پهرين چيڪو سلواڪيا بعد ۾ ماسڪو ۾ سياسي پناهه ورتي. اتي هن ڌڙي ماسڪو کي پنهنجي اصل سوشلسٽ ھئڻ جو يقين ڏياريو ۽ سوويت سرڪار کي ڪابل ۾حڪومتي تبديلي جي لاءِ گهرايو ويو.

اها به حقيقت آھي ته لينن جي وفات کانپوءِ ئي اسٽالسٽ ڪميونزم سوويت يونين تي پنهنجا چنبا کوڙي ڇڏيا هئا.سوشلزم جي برابري ۽ آزادي وارن افاقي اصولن جي برخلاف ذاتي قسمن جي خواهشن تي ٻڌل ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪئي وئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ اندروني سياسي ڏڦيڙ ۽ ڇڪتاڻ وڌي وئي يا اجاين ٻاھرين ملڪن جي پرڪسي جنگي خرچن هن جي معشيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.انڪري شروعات ۾ ماسڪو ڪابل جي اندرين سياسي ويڙھ ۾ ڌر بنجڻ نه ٿي چاهيو هو.

افغان سياست جي اندرين ابتر   صورتحال ۽ وڌندڙ بحران جي سبب نيٺ هن کي ڪابل ۾ فوج موڪلڻي پئي.

جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ وقتي آپريشن هو ۽ حالتون ٺيڪ ٿيڻ شرط ئي سوويت فوجيون واپس موٽي وڃن ها.پر امريڪا شاطر ان سموري بدليل صورتحال کي پنهنجي فائدي جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو.افغانستان جي پاڙي ۾ هن کي ضياء جي صورت ۾ هڪ پٺو اتحادي ملي ويو.جيڪو ڀٽي جي چونڊيل حڪومت کي بندوق جي زور تي زبردستي هٽائي اقتدار تي قابض ٿيو هو.ان ڪري کيس کي به غير آئيني اقتدار کي قبوليت ڏيارڻ جي لاءِ عالمي سرپرستي جي سخت ضرورت هئي.

ان ڪري هڪ منظم طريقي سان سرڪاري سطح تي هن ڳالھه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان کانپوءِ سوويت يونين جو ايندڙ نشانو پاڪستان تي قبضو آھي ته جيئن ڪراچي جي گرم پاڻين جي بندرگاهه تي پهچ حاصل ڪري سگهي.ان لاءِ پاڪستان تي اهو فرض ٿي چڪو آھي ته اهو امريڪا جي مدد سان سوويت يونين کي افغانستان کان ڪڍڻ جي لاءِ امريڪا جي مدد ڪري.گڏ ئي عوام جي ذھنن ۾ ھي ڳالھه پڻ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته “ افغان جهاد “ پاڪستان تي فرض ٿي چڪو آھي.امريڪا ۽ سندس خطي ۾ سڀني کان وڏن عرب اتحادين جي مالي مدد سان جهاد جي شروعات ڪئي وئي.

حقيقت اها آھي ته جيڪڏھن نام نهاد جهاد شروع نه ٿيئي ها ته روسي فوج منصوبي جي تحت ڪابل ۾ حڪومت تبديل ڪري ستت واپس هلي وڃي ها.جيڪڏھن پاڪستان ۾ ڪابه جهموري حڪومت هجي ها ته اها ڪڏھن امريڪا سوويت ويڙھ ۾ ڪرائي وارو جهادي ڪردار ادا نه ڪري ها ۽ ائين افغانستان جهاد جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري تباهي ۽ بربادي کان بچي وڃي ها ۽ افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جون سياسي.معاشي ۽ سماجي حالتون ايئن ابتري جو شڪار نه ٿين ها جهڙي ريت اڄ ڏيک ڏين پيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.