خيبرپختونخواهه: پوليو مهم جي سيڪيورٽي تي مقرر ٻه پوليس اهلڪار قتل

پشاور(ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۽ پشاور ۾ ٻه پوليس اهلڪار فائرنگ ۾ مارجي ويا.

پوليس موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪانسٽيبل دلاور خان پوليو ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته تحصيل ڪلاچي جي علائقي اٽل شريف جي ڀرسان اڻ ڄاتل جوابدارن هن کي فائرنگ جو نشانو بنايو جنهن سبب دلاور  خان ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا.

ٻئي پاسي گذريل ۾ به داود زئي ٿاڻي جي علائقي ۾ فرنٽيئر ريزو پليس جي اهلڪارن کي اڻ ڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڪري واپس گهر وڃي رهيو هو ته اڳ ۾ انتظار ۾ ويٺل جوابدارن هن کي نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.