اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل فلسطيني ڇوڪرو شهيد

والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب زخمي ٿيل 12 سالن جو فلسطيني ڇوڪرو شهيد ٿي ويو. فلسطيني صحت واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي  ته گذريل اربع تي والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب زخمي ٿيل ڇوڪرو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو.  بيان ۾ چيو ويو آهي ته 12 سالن جو محمد العالمي بيت عمر واري علائقي ۾ شهيد ٿيو. کيس گذريل ڏينهن ان وقت ڇاتي ۾ گولي هنئي وئي جڏهن هو پنهنجي والد سان گڏ ڪار ۾ سفر ڪري رهيو هو. واضح رهي ته تازن ڏينهن ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب ٿيل اها ٻئين شهادت آهي

نيويارڪ ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن کي 100 ڊالر ڏيڻ جو اعلان

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ ڪورونا وائرس ويڪسين لڳرائيندڙن کي 100 ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آمريڪي سڌ سماءُ وارن ذريعن  مطابق نيويارڪ جي ميئر بل ڊي بليسو چيو آهي ته ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳرائن جي بدلي 100 ڊالر ڏنا ويندا. ميئر نيويارڪ وڌيڪ چيو ته ان منصوبي سان عوام جو ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ ڏينهن رجحان وڌندو ۽ عالمي وبا جو ڦهلاءُ گهٽائڻ ۾ وڏي مدد ملندي.ٻئي پاسي گورنر نيويارڪ اينڊريو ڪومو رياست جي سمورن اسپتالن ۾ مريضن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي پابندي پڻ لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

والاريل ڪشمير ۾ برساتون،  ٻوڏ وهڪري ۾ 2 ماڻهو لڙهي ويا

سرينگر(م ڊ ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ضلعي راجوري ۾ شديد برساتن سبب ايندڙ ٻوڏ ۾ 2 ماڻهو لڙهي ويا جڏهن ته ڪيترن گهرن کي  نقصان پهتو آهي . ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪالاڪوٽ جي ڳوٺ بڊوگ جو رهائشي منشي رام ڳوٺ ۾ واقع هڪ نالي ۾ ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي ويو. سرڪاري ذريعن موجب هڪ ٻي واقعي ۾ ماٿو ڳوٺ ۾ ڦتيس گڙهه سان تعلق رکندڙ 2 ماڻهو ٻوڏ وهڪري ۾ ڦاسي پيا جنهن مان هڪ کي بچايو ويو آهي جڏهن ته ٻيو ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.