”مريم نواز آزاد ڪشمير ۾ مودي بدران عمران خان جي خلاف پئي ڳالهائي“

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مريم نواز آزاد ڪشمير ۾ مودي جي بدران عمران خان جي خلاف پئي ڳالهائي.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اِهو چئي سگهجي ٿو ته اسان جي نظر ۾ افغان سفير جي ڌيءَ جو ڪيس اغوا جو ناهي، افغان سفير جي ڌيءَ جي گم ٿيڻ جو ڪيس آهي، اسان جي جاچ موجب ڪنهن ٽيڪسي ۾ ڪو به ماڻهو نه ويٺو.

هن چيو ته افغان سفير جي ڌي ڪجهه ڪلاڪن جي لاءِ گم ٿي ۽ ان دوران هن 4 مقامي ٽيڪسيون تبديل ڪيون جنهن جو مطلب آهي ته اِهو امن امان جو معاملو ناهي.

گهرو وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان جا ادارا ان ڪيس جي جاچ ۾ لڳل آهن، هڪ سفير جي ڌي اسان جي پنهنجي ڌيئرن جي برابر آهي، حڪومت اِهو ڪيس وڙهندي ۽ ان جو انتظار ڪندي ته اچي سڃاڻپ ڪن.

شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي خلاف اسرائيل ۽ ڀارت جي هائبرڊ وار پئي هلي، ڇا سڄي دنيا ۾ ڏوهه نه پيا ٿين، ممبئي ۾ ڏوهه ناهن ٿيندا، ڀارتي ميڊيا افغان سفير جي ڌيءَ جي واقعي تي پروپيگنڊه ڪري رهي آهي.

داسو واقعي جي حوالي سان ڳالهائيندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته داسو واقعي جي جاچ اعليٰ ترين سطح تي ڪئي پئي وڃي، جاچ ادارا لاهور واقعي جيان داسو واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن، لاهور جي ڪيس کي 16 ڪلاڪن جي اندر پڪڙيو هو.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جي حوالي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي چونڊ مهم دوران مريم نواز مودي جي بدران عمران خان جي خلاف ڳالهيون ڪري رهي آهي، هوءَ مودي جي خلاف ڪجهه نه پئي ڳالهائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.