شڪارپور ۾ رهائشي ڪالونين جو نقشو پاس ڪرائڻ جو حڪم

شڪارپور(رپورٽ:جاويد راهوجو)شڪارپور ۾ غير قانوني رهائشي ڪالونين بابت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ کان نقشو پاس ڪرائڻ جو  حڪم،صوبائي وزير پاران عيد بعد ڪيٽل ڪالونيءَ جو ڪم شروع ڪرائڻ ۽ شيخ اياز يونيورسٽي لاءِ وڌيڪ زمين خريد ڪرڻ جو اعلان،توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ترقياتي اسڪيمن ۽ امن امان بابت گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪاشف نبي کهڙو،اي ايس پي سيد فاضل شاهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته شڪارپور ۾ هڪ ارب جي لاڳت سان ڊرينيج جي ميگا پراجيڪٽ جي اسڪيم هلي رهي آهي پر شهر ۾ غير قانوني نيون ڪالونيون ٺهڻ سان شهر ۾ ڊرينيج،ٽريفڪ،گيس ۽ بجلي جا مسئلا وڌي سگهن ٿا تنهن ڪري جيڪي رهائشي ڪالونيون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اجازت کانسواءِ هلي رهيون آهن انهن کي فورن بند ڪيو وڃي،هن چيو ته مون کي ٻڌايو ويو ته صرف شڪارپور شهر جي آسپاس زرعي زمينن تي 44 رهائشي ڪالونيون بنا نقشي جي هلي رهيون آهن جيڪي هن شهر ۾ نوان مسئلا پيدا ڪنديون،هن ڊي سي شڪارپور کي بيگاري جي ٻنهي پاسن کان غيرقانوني اڏاوتون هٽائي بيگاري ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي کي بند ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون،امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته شيخ اياز يونيورسٽي لاءِ 30 ڪروڙ جي گرانٽ منظور ڪرائي آهي ان سان جلد ايوارڊ جاري ڪري زمين جي خريداري ڪئي وڃي ته جيئن يونيورسٽي جي ٺهڻ جو ڪم جلد شروع ٿي سگهي،هن چيو ته يونيورسٽيءَ جا ملازم في الحال الائونس جو مطالبو نه ڪن ڇو ته يونيورسٽي وٽ محدود فنڊ آهن تنهن ڪري يونيورسٽي جو سنڊيڪيٽ جڙي ته هو پنهنجا الائونس پوءِ وٺن،هن چيو ته ڪيٽل ڪالوني شڪارپور جو اهم پراجيڪٽ آهي جنهن لاءِ انڪروچمينٽ هٽرائي ويئي آهي ۽ عيد کانپوءِ ان جو ڪم شروع ڪيو ويندو باقي ڪيٽل ڪالوني جي تحفظ لاءِ انسپيڪٽر جي نگراني ۾ پوليس چوڪي قائم ٿيندي،ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڪاشف نبي کهڙي ۽ اي ايس پي سيد فاضل شاهه صوبائي وزير کي بريفنگ پڻ ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.