لاڙڪاڻي مان پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان هفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پورهيت اسلم پرويز لانگاهه جي ڳولا ۾ مدد لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت جي ڀائرن زين علي ۽ علي مراد لانگاهه پنهنجي پڦاٽ محسن، سئوٽ حسن، عمران لانگاهه ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيو ته اسان جو پنهنجي ئي سئوٽ سان زرعي زمين جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ هو جن سان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪ ڪتاب تي ٺاهه به ٿي ويو آهي. هنن چيو ته گذريل 10 جولاءِ تي منهنجو ڀاءُ اسلم پرويز لانگاهه فيصلي جي ڪاپي ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي ڏانهن وڃي رهيو هو ته مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پاڪستاني چوڪ واري علائقي مان هو پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن کي لاڙڪاڻي شهر جي سمورن علائقن ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڳولا جي ڪوشش ڪئي پر 9 ڏينهن گذرڻ جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو سندس ڳولا ۾ مدد لاءِ حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين ڀاءُ جي ڳولا نه ڪري سگهي آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.