کهڙا لڳ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

کهڙا (ن ع آ) کهڙا لڳ خيرپور/ لاڙڪاڻي روڊ تي ڳوٺ منگهن اڄڻ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ الله بخش اڄڻ واسي پورهيت 28 سالن جو علي حسن اڄڻ پٽ رحيم بخش اڄڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ گمبٽ اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو سندس لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙھه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو  جڏھن ته پوليس ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.