اسلام ڪوٽ مان نينگر گم، وارث پريشان

اسلام ڪوٽ (ت،ر) اسان شهر جي ميگهواڙ دڙيلو پاڙو مان 13 ورهين جو نينگر دليپ ولد نهال ميگهواڙ گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي،گولا باوجود پتو پئجي نه سگهيو آهي،انهي سلسلي ۾ گم ٿيل نينگر جي وڏي ڀاءۡ گوتم ميگهواڙ ٻڌايو ته سندن ڀاءۡ رات جو گهر سۡتو پيو هو صبح جو ڏٺو ته گهر ۾ سۡتل نه هو ۽ گهران ڪجھ پيسا به کڻي ويو آهي، اوڙي پاڙي توڙي عزيزن رشتيدارن سان رابطا ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي سين پر ڀاءۡ جو ڪٿان به ڪوڏس پتو نه مليو،هن چيو ته  دليپ اڪيلو ڪڏهن به  گهر کان ٻاهر نه نڪتو آهي ۽ نه ئي ٻي ڪنهن شهر جو واقف به  آهي لڳي ٿو ته دليپ کي ڪير ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي،اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي، هن چيو ته پوليس کي به اسان رپورٽ ڪئي آهي ۽ چيو آهي  ته  ڀاءۡ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي پوليس چئي پئي ته ڳولا ڪريون پيا پر ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه مليو آهي  جنهن سبب گهر وارا سخت پريشان آهن،هن چيو ته ڀاءۡ وٽ فون به نه آهي دليپ گهر گهٽ سنگت وارن سان گڏ  گهڻو گهمندو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.