سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ گورنر ممتاز ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اڳوڻو گورنر ۽ وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو.

ممتاز ڀُٽي جي ترجمان ابراهيم ابڙي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو، سندس لاڏاڻو ڪراچي واري رهائشگاهه تي ٿيو.

هن ٻڌايو ته ممتاز ڀُٽي جو مڙهه اباڻي علائقي لاڙڪاڻي نيو پيو وڃي، جتي آخري رسمن کانپوءِ تدفين ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ممتاز ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪزن ۽ ويجهو ساٿي هو.

ممتاز ڀٽو پ پ جي شروعاتي اڳواڻن مان هڪ هو، هو وفاقي وزير، سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جي عهدي تي به رهيو.

زندگيءَ تي هڪ نظر

ممتاز ڀُٽي جنرل ضياءَ جي دور ۾ جلا وطني کانپوءِ 1985 ۾ سنڌ بلوچ پشتون فرنٽ جي نالي سان لنڊن ۾ سياسي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، پوءِ هن 1989 ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان نئين جماعت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.

2013 جي عام چونڊن کان اڳ هن جي جماعت سنڌ نيشنل فرنٽ، ن ليگ سان ضم ٿي وئي هئي ۽ ان ئي بئنر هيٺ چونڊن ۾ به حصو ورتو هو پر 2014 ۾ ممتاز ڀُٽي دعويٰ ڪئي ته ن ليگ کيس پٽ سميت پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.

پوءِ 2017 ۾ ان جي جماعت سنڌ نيشنل فرنٽ، پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.