ديري غازي خان ۾ لادي گينگ جو سربراهه مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

ديرا غازي خان( م ڊ) ديري غازي خان ۾ دهشت جي علامت سمجهيو ويندڙ لادي گينگ جو سربراهه خدا بخش لادي سي ٽي ڊي هٿان مارجي ويو، جنهن لاءِ مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي موجب ديري غازي خان ۾ آپريشن دوران لادي گينگ جو سربراهه فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾  لادي گينگ جو سربراهه خدا بخش لادي مارجي ويو. سي ٽي ڊي موجب خدا بخش لادي اغوا، قتل ۽ ٻين ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو. واضح رهي ته لادي گينگ پاران هڪ ڄڻي کي بي دردي سان قتل جي وڊيو بعد آپريشن ٿيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.