بٺوري تعلقي کي پاڻي ڏيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي احتجاجي ريلي

ميرپوربٺورو (رپورٽ:  شوڪت سومرو ) جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان ميرپور بٺوري تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ گنج بحر ناليءَ جي وارابندي خلاف کورواهه اسٽاپ کان قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، قادربخش زئور، انور خاصخيلي، جسم جو نعمان شورو، جسقم جو ڪريم شورو ۽ آبادگار اڳواڻ  مشتاق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي تلاءَ ڪنڊ، تلاءَ چؤنڪ ۽ سائين جي ايم سيد چوڪ کان ٿيندي صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب پهتي. ريلي ۾ شريڪ ماڻھن پاران سخت گرمي ۾ نعريبازي ڪئي وئي. جنهن موجب ”پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، گنج بحر ناليءَ کي پاڻي ڏيو، گنج بحرنالي تي وارابندي نامنظور ۽ ناانصافي بند ڪريو“ جا نعرا هنيا ويا. ۔ريلي کي شھيد صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب وٽ خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته هڪ طرف سنڌو درياهه تي پنجاب ڌاڙو هڻي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي اقتداري ڌريون، بااثر وڏيرا ۽ جاگيردار آبپاشي ڪامورن سان ملي بڳت ڪري پاڻي کڻي ٿا وڃن. ڳنج بحر ناليءَ تي وارابندي وارو فيصلو بٺوري تعلقي جي آبادگارن کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. اهو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ريلي کي قادر بخش زئور، انور خاصخيلي، الطاف کوڙ، آبادگار اڳواڻ مشتاق چانڊيو، ڪريم شورو، نعمان شورو، امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.