لاڙڪاڻي ۾ منشيات جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ 4 ڄڻا آزاد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو  آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شيام لال جي عدالت ۾ سال 2019ع دوران مارڪيٽ ٿاڻي تي داخل منشيات واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن ڪوئيٽا واسي علي محمد شاهه، علي حسن پٺاڻ، ڪفايت الله ۽ شهباز پٺاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو.  ان حوالي سان مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته 15 ڊسمبر 2019ع جي ڏينهن پوليس معمول جي گشت تي هئي ته حد جي ميونسپل ڪارپوريشن آفيس روڊ تي چيڪنگ دوران ڊبل ڊور گاڏي کي روڪي تلاشي ورتي وئي جنهن مان پوليس 63 ڪلو چرس هٿ ڪري علي محمد شاهه، علي حسن پٺاڻ، ڪفايت الله ۽ شهباز پٺاڻ کي گرفتار ڪري سرڪار پاران اي ايس آءِ علي بخش جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو هو اڄ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏوهه ثابت نه ٿيڻ عدالت چئني جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.