سنڌ پوليس اهم عوامي مسئلي جي حل لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ ۾ عوامي شڪايتن جي فوري حل لاءِ سينٽر لائزڊ ڪمپلين سسٽم بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر چيو ته سڄي سنڌ ۾ سينٽر لائزڊ ڪمپلين سسٽم بڻائي رهيا آهيون. سڀ کان پهرين پنهنجي گهر کي سڌو ٿيڻ گهرجي. شهري رڳو هڪ شڪايت ڪندو جنهن کي هر ڪو ڏسندو.

هن چيو ته سسٽم ۾ درخواست لاڳاپيل کاتي تائين پهچائي ويندي. سنڌ پوليس کي مڪمل طور تي آءِ ٽي بيس هئڻ گهرجي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪهڙو آفيسر پيشي تي ويو ۽ ڪير نه ويو سسٽم تي هئڻ گهرجي، ڄاڻ سسٽم ۾ موجود هئڻ تي بهتري ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.