پارليامينٽ جو تقدس پامال ڪندڙ معزز ميمبر

مير ذوالفقار چانڊيو

ھلندڙ ھفتي ملڪ جي قانون ساز اسيمبلي سمجهي ويندڙ قومي اسمبليءَ جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شھباز شريف جي تقرير دوران جيڪا بدنظمي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي.

ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسپيڪر صاحب 20 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪيو پر صورتحال جيئن جو تيئن ساڳي رھي. حڪومتي ميمبرن علي نواز اعواڻ، فواد چوڌري، شفقت محمود شيرين مزاري پاران اپوزيشن ليڊر مٿان بجيٽ ڪتاب اڇلائيندا رھيا ۽ نواز ليگ ميمبر پنهنجي ليڊر جو دفاع  ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا جنهن تي علي نواز اعواڻ بجيٽ بڪ کڻي شيخ روحيل اصغر ڏانهن اڇلايو ائين ئي حڪومتي توڙي اپوزيشن ميمبر ھڪ ٻئي ڏانهن بجيٽ ڪتاب اڇلائيندا رھيا ايئن لڳو ته ڪمي ڪنواريتن ۾ نه آهي ۽ گھٽتائي گھوٽن ۾ به نه آهي بجيٽ ڪتاب لڳڻ سان شھباز شريف سان گڏ حڪومتي ميمبر مليڪا بخاري جي اک زخمي ٿي وئي، ملڪ جو مقدس ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو ان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ  اسپيڪر طرفان سينيٽ مان سارجنٽ ايٽ آرمس ۽ انتظاميا طلب ڪئي وئي، جنهن صورتحال کي ضابطي ۾ آندو پر ان تي جيڪا افسوس ۽ ڏک جي ڳالھه آهي جنهن سان باشعور عوام ۾ ڪاوڙ ۾ غصو پيدا ٿيو آهي.

اھا آهي ته پارليامينٽ جنهن جي معزز ميمبرن پاران عورتن جي سامھون ھڪ ٻئي ميمبرن کي ماءُ ڀيڻ جي عظيم رشتن تي ڪچيون گاريون ڏنيون ويون ڪيڏي وڏي افسوس جو مقام آهي ته معزز سمجھيا ويندڙ ميمبر شرم ۽ حيا ختم ڪندي اگھاڙيون گاريون ڏيڻ تي لھي آيا، اھو ڪم اڳ ڪڏهن به پارليامينٽ ۾ نه ٿيو جيڪو ھلندڙ ھفتي ڏسڻ ۾ آيو ان سڄي صورتحال کي ڏسي ايئن پيو لڳي ته ملڪ جي ھن مقدس اداري، جنھن جي بلڊنگ ۾ تمام وڏن اکرن سان ڪلمو طيب لکيل ھجي ان جي اندر ويھي اسيمبلي ميمبر اھڙي ڪريل حرڪت ڪندا جنهن جي ٻڌڻ يا ڏسڻ سان غيرتمند قوم جي بھادر جوانن جا ڪنڌ شرم وچان جھڪي وڃن.

جيڪڏهن ان پارليامينيٽ جي مقدس اداري جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي سوشل ميڊيا جو ذڪر ڪجي ته اڪثر نوجوانن جا ٽوئيٽ پوسٽ ڪمينٽس اھي ھلي رھيا ھئا ته اڄ اسان پنھنجي اسيمبلي ميمبرن جي انھن غلط ڪمن جي ڪري اسان ڪنڌ جھڪايون ٿا، ان صورتحال تي اسان جوانن کي ٻڏي مرڻ کپي.

صرف ايترو ئي نه پر عوام جن ميمبرن کي ڪامياب ڪري اعليٰ ايوانن ڏانهن موڪليندو آهي ته اھي ايوان ۾ وڃي ڪري غريبن مظلومن جي حقن لاءِ  قانون سازي ڪندا، انهن جي ڏکن دردن لاءِ ڪجهه ڳالھائيندا پر افسوس ته اتي صورتحال ڪجهه مختلف ٿي ويندي آهي جو عوام جي حقن ۽ ڏکن دردن کي وساري پنهنجي مفادن خاطر اخلاقيات جا سڀ ليڪا لتاڙي ھڪ ٻئي کي ڪتاب هڻي رھيا آهن ڪتاب جيڪو ھڪ علم پرائڻ جو ڪجهھ سکڻ جو بھترين ذريعو ھوندو آهي ان جي تقدس کي وساري ان کي زمين تي اڇلائي رھيا آھن صرف ايترو ئي نه پر تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود جيڪو ٻين ميمبرن کان وڌيڪ ڪتابن جي اھميت کي سمجهي سگهي ٿو اھو به ڪتاب اڇلائڻ ۾ اڳتي نظر آيو پر ان سان گڏ انساني حقن جي وزير سمجھي ويندڙ شيرين مزاري اھا به ايوان اندر انساني حَق لتاڙيندي خود اسيمبلي ميمبرن کي ڪتاب هڻڻ ۾ اڳڀرائي ھئي.

مقدس ميمبر ۽ مقدس ادارن جا وزير جڏهن اعليٰ ايوان اندر اھڙيون حرڪتون ڪندا ته سوال ته اٿندا ھڪ اجلاس گھرائي ان جي ڪارروائي تي لکين نه پر ڪروڙين خرچ ڪري اجلاس ھلائيندا آهن نتيجو اھو نڪرندو آھي ته ھڪٻئي کي ڪتاب ھڻندا رھندا آهن جيڪڏهن اڃا ڪاوڙ ختم نه ٿئي ته  ماءُ ڀيڻ جي نالي اگھاڙيون گاريون ڏيڻ تي لھي ايندا آهن.

پارليامينٽ اندر جھيڙي کي جيڪڏهن ننڍن ٻارن جي جھيڙي سان مشابهت ڪجي ته غلط نه ٿيندو، ننڍا ٻار پاڻ ۾ وڙھندا آھن ته اھي به ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندا ڀتر پٿر ھڻندا آهن ۽ بلڪل پارليامينٽ ۾ ساڳي صورتحال ھئي فرق صرف اھو ھو ته پٿرن جي جڳھه تي ڪتاب پيا ھڻن خير اھو وقت پري نه آهي جو پارليامينٽ  اندر پٿر ۽ ڀتر به پھچي ويندا حقيقت ۾ قانون ساز اسيمبلي اندر معزز ميمبرن جي اھڙي غير سنجيدگي ڏسي گھڻن ماڻهن کي تڪليف پھتي ھوندي پر حقيقت ۾ ايئن غيرسنجيدگي کي ڇڏي حقيقت پسند سنجيدگي وارو ماحول ھجڻ گھرجي جتي سڀ ھڪ ٻئي سان سھڪار ڪن ۽ اھڙن غير اخلاقي ڪمن کي ختم ڪري ڇڏين جيئن پارليامينٽ جو ماضي وارو وقار عزت شان اوچو رھي جنهن کي سنڀالڻ خود اسپيڪر صاحب جي ذميواري آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي بنا ڪنهن فرق جي اڳتي ھلائي ته ماحول بھتر رھندو نه ته ايئن ماحول خراب ٿيندو رھندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.