ارسا ۽ وفاق جي ڳٺ جوڙ سبب سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ملي: سهيل انور سيال

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي آبپاشي کاتي واري وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ارسا جو ڪم صوبن ۾ برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي پر ارسا ۽ پي ٽي آءِ سرڪار ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيا ڏين.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل انور سيال چيو ته پاڻي کوٽ جي معاملي تي اسان سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ به آواز اٿاري وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، اسان جي پارٽي جمهوري آهي ۽ عوام اسان کي ووٽ ڏنا آهن، تنهن ڪري اسان پنهنجو ڪيس جمهوري طريقي سان وڙهي رهيا آهيون.

هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو مسلسل پاڻي کوٽ بابت کين آگاهه ڪري رهيو آهي پر ارسا پاڻي کوٽ واري مسئلي کي اڃا تائين سنجيده ناهي ورتو، سنڌ ۾ چانورن جي پوکائي جو وقت آهي پر سنڌ جا آبادگار ٻج به پوکي نه سگهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي ناانصافي تي صوبا شڪايتون ضرور ڪندا، خدارا پاڻي جي معاملي تي هوش کان ڪم وٺو، ان معاملي تي صوبن ۾ نفرتون وڌنديون، سنڌ سان پاڻي ۽ ترقياتي ڪمن سميت ٻين معاملن ۾ به ناانصافي ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.