پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا سبب ٿيو هو: سارا خان جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سارا خان انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا وائرس سبب ٿيو.

سارا خان تازو خانگي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ان دوران هن پنهنجي پيءَ جي لاڏاڻي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

سندس چوڻ هو ته منهنجي پيءَ جو لاڏاڻو ڪورونا سبب ٿيو هو ۽ اهو وائرس پيءَ مان سڄي گهر ڀاتين ۾ منتقل ٿي ويو هو پر والد جي عمر 70 ورهين کان مٿي هئي، تنهن ڪري ڪورونا جو ان تي شدت سان حملو ٿيو ۽ هو 5 ڏينهن ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو.

اداڪارا چيو ته فلڪ سميت اسان سڀني ڀيڻن ڀائرن ۾ ڪورونا جون مختلف علامتون هيون، ڪنهن جي سنڌن ۾ سور هو ته ڪنهن جي مٿي ۾.

سارا خان ٻڌايو ته ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ مون کي مٿي ۾ سخت سور هو، جيڪو برداشت کان ٻاهر هو ۽ سور صحتياب ٿيڻ کانپوءِ به ٻن مهينن تائين هلندو رهيو.

واضح رهي ته اداڪارا سارا خان جو پيءُ گذريل سال جي آخر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.