سيوهڻ ۾گهر تي فائرنگ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، 2 زخمي، احتجاج

سيوهڻ (ن ع آ)آمري ٿاڻي جي حد ڳوٺ گرواري جي رهواسي ڳوٺاڻن مجنو گائينچو, علي گل سارنگ, محمد سومر ۽ سهراب گائيچو جي اڳواڻي ۾ متاثر مرد ۽ عورتن  ڳوٺ جي بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو   ڪندي نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري خادم ڇڇر جي چرچ تي جوابدار عدل، فضل، لالو، منظور مهر ۽ جمن گائينچو هٿيارن جي زور تي اسان جي گهرن ۾ گهڙي اسان جي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهرن مٿان فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ڪئي وئي هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا آمري ٿاڻي ته دانهون کڻي ويا آهيون پرپوليس بااثرن کان رشوت وٺي سندن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪري جوابدارن اسانجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ان ڪري زندگي کي خطرو هجڻ ڪري رات جو پنهنجي گهرن اندر سمهي به نٿا سگهون احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.