پيروسڻ ۾ گهر مان 20 لک رپين جو ڌاڙو

پيروسڻ(رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ديھ ڪلرو مان نامعلوم ھٿياربند آڌي رات جو ڳوٺاڻي محرم لاشاري جي گھر اندر  داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي پيٽين جا تالا ٽوڙي گھر ۾ پيل 10 لک رپياڪيش رقم، 6 تولا سون سميت 20 لکن جي لڳ ڀڳ جو قيمتي سامان کڻي نڪتا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا ته ھٿياربند  پنھنجا ھٿيار سڌا ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اھڙي اطلاع تي پيروسڻ پوليس پُھچي ھٿياربندن جا پيرا کڻايا مگر ڏوھارين تائين پُھچڻ ۾ ناڪام ٿي واپس موٽي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي،   متاثر گهر ڌڻي چيو ته  مونکي شڪ آھي ته پوليس جي لاپرواھي ۽ خاموشي سبب منھنجي گھر مان لڳل ڌاڙو واپس نٿي سگھندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.