تلھار ۾ آبپاشي کاتي جي زيادتين خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

تلھار ۾ آبپاشي کاتي جي زيادتين خلاف آبادگارن  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، سوين آبادگار مين حيدرآباد بدين روڊ ميرواھ تي پھچي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ويھي رھيا،  ھڪ ڪلاڪ روڊ بند ھجڻ ڪري مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون ، ان موقعي تي پي ٽي آئي تعلقي صدر سليم بلوچ، قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ امجد لغاري،ايم ڊبليو ايم اڳواڻ شھزاد گاڏاھي،سجاد علي لغاري،اسلم ۽ ٻين احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو، ان سلسلي ۾ اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ڦليلي ڪينال ۾ ٻن مھينن کان ڪرپٽ ايريگيشن عملدارن ۽ پرائيويٽ عملي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي پاڻي بند ڪرڻ جو وڏو ڪارج اھو آھي ته ڦليلي مان واري مٽي غيرقانوني طور تي ست کان ڏھ ھزار روپين جي روزمره  وڪرو ڪئي پئي وڃي جنھن سبب آبادگارن توڙي مالوند ماڻھن لا۽ پاڻي جو ڇوڙ مڪمل طور تي بند رکيو ويو آھي.

ھنن جو وڌيڪ  چوڻ ھو ته ڦليلي ڪينال ۾ في الفور پاڻي ڏئي انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.