عمرڪوٽ: سنڌ جو عوام سردار شاھ جي بيانن جو نوٽيس وٺي: ايم اين اي لال مالهي

پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالھي چيو آهي ته پيپلز پارٽي عمرڪوٽ جي ضمني چونڊن دوران انتقامي ڪارروائين ڪري پنهنجي مخالفن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو هو مذمت ڪن ٿا  ، عمرڪوٽ ۾ مالھي ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي  لال مالهي صوبائي وزير سردار شاھ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ، سندس چوڻ هو ته  سردار شاھ پنھنجي چيئرمين آڏو مخالفن کي جوتا ھڻڻ جي ڳالھ ڪئي ۽ ڪالھ پريس ڪانفرنس ۾ سردار شاھ ٻيھر ڪريل ٻولي جو استعمال ڪيو،  ايندڙ اليڪشن ۾ به سنڌ مان اسان مڪمل طور مقابلو ڪنداسين سنڌ جو عوام سردار شاھ جي بيانن جو نوٽيس وٺي ،

هن چيو ته  عمرڪوٽ ۾ مسلسل اقليتن سان ظلم جاري آھي پ پ حڪومت ان جي ڪا به داد رسي نه ڪري سگھي آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.