ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاريءَ کانپوءِ گلوڪاريءَ ۾ به پاڻ مڃرائيندڙ حرا ماني پنهنجي ڪاميابي جو سبب مداحن کي قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪشمير بيٽس طرفان جاري ڪيل حرا ماني جو پهريون ئي ويڊيو گيت ”سواري“ سپر هٽ ٿي ويو آهي، جنهن کي يوٽيوب تي هيل تائين 20 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
ان حوالي سان حرا ماني پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هن کي ڳاڙهي رنگ جي ڊريس پاتل آهي ۽ کيس مائيڪ پڪتل آهي.
View this post on Instagram
اداڪارا ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ”آفيشل سنگر ۽ اهو سڀ ڪجهه منهنجي مداحن جي ڪري ممڪن ٿيو، مون سان ائين ئي پيار ڪندا رهو، منهنجي اندر جيڪا توانائي آهي، اها توهان جي پيار جي ڪري ئي ايندي آهي“.