سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي سڃاڻپ ڏني: اڳواڻ

ڏوڪري ( ت ر) جي ايم سيد جي 117 هين سالگرھ جي حوالي سان ڏوڪري ۾ جسقم اڳواڻن پاران مشعل بردار ريلي ڪڍي. ڏوڪري  ۾ جسقم ضلعي اڳواڻ رڪ سنڌي، امر سنڌو، نصير پنهور، ظهور جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي پارڪ کان پريس ڪلب تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ايم سيد  سنڌي قوم کي سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد 17 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، سنڌ دشمن عناصرن سائين جي ايم سيد کي نظربند ڪري سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪيون. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد جيلن جو سختيون برداشت ڪيون ۽ سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو.

سيد مظلوم قومن جي بقا ۽ سلامتي جي علامت ھو: اڳواڻ

نوابشاھ(ڊ ر) جسقم يونٽ ٽو شھيد بشير خان قريشي پاران جديد قومپرستي جي باني رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117ھين  سالگرھ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي سالگرھ جو ڪيڪ جسقم اڳواڻن سرفراز ميمڻ، ھاشم لغاري، ھدايت تنيو، علي رضا خاصخيلي، گُل ڏاھري، فقير امتياز لاکو ۽ يونٽ ٽو جي صدر راشد چانڊيو ۽ ٻين ڪاٽيو جڏھن ته مختلف يونٽن جي عھديدارن کي صوفي گيڙو رنگ جا اسڪارف پارايا ويا يونٽ شھيد بشير خان قريشي جي عھديدارن جي والدين کي اجرڪ ٽوپي جا تحفا ڏئي مڃتا ڏني وئي جڏھن ته مٿين اڳواڻن کي سيد جي ڪتابن جا تحفا ڏنا ويا تعلقي نوابشاھ پاران يونٽ شھيد بشير خان قريشي جي عھديدارن کي بھترين پروگرام ڪرڻ تي قومي جھنڊي جا اسڪارف پارايا ويا انھي دوران مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سيد مظلوم قومن جي بقا ۽ سلامتي جي علامت ھُيو ھنن سنڌي قوم کي به حيثيت قوم قبول ڪرايو سنڌ ۽ سيد ھڪٻئي جو سنگم آھن سنڌ خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن سيد جو پيغام قومي ٻڌي، اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم تي مشتمل آھي حڪمران غير مدئي طاقتن جي زور تي پُر امن سياست تي زبردستي پابنديون ھڻي رھيا آھن . ھن ملڪ ۾ جمھوريت ڪٿي بہ نظر نٿي اچي سيد جو خواب ساڀيان ماڻڻ ڏانھن وڃي رھيو آھي جڏھن تہ قومي راڳي فقير دلدار اوٺو قومي گيت ڳائي رھبر سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سيد جي فڪر تي هلي ڪاميابي ماڻينداسين: دودو ديشي

ڪراچي (پ ر) جسقپ جي مرڪزي ڪامريڊ اڳو اڻ دودوديشي بيان ۾ چيو ته 17 جنوري سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو  ڏينهن آهي جيڪو سنڌي قوم لاءِ قومي ڏهاڙو آهي، جنهن کي سڄي قوم ڀرپور نموني سان ملهائيندي، جسقپ پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ لاء سن ۾ سڀاڻي شرڪت جي اپيل ڪئي وئي, دودوديشي سڀاڻي سڄي سنڌي قوم کي شرڪت جي دعوت، هن چيو ته سيد جي سالگرھ جي حوالي ڪالهه سڄي سنڌ ۾ مشعل بردار ريليون ۽ جلوس ڪڍيا ويا ، هن  چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر تاريخ جو سچ آهي، جيڪو ڪامبابي طرف وڌي رهيو آهي هڪ ڏينهن ضرور سوڀارا ٿينداسون. جسقپ جي سربراھ سوڀ قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن اڳواڻن سن ۾ رهبر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چڙهي قومي سلام پيش ڪيوويندو.

ڏوڪري ۾ ايس يو پي طرفان سيد جي سالگرهه، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ڏوڪري  (ت ر) ڏوڪري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي ۽ سٽي  پاران سائين جي ايم سيد جي 117سالگرهه جي حوالي سان پارٽي آفيس ۾ هڪ تقريب  ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ايس يو پي اڳواڻ ايڊووڪيٽ امداد علي جويو ۽ سٽي صدر محمد علي کوسو ڪئي جڏهن ته  تقريب ۾ زبير جکرو، خالد حسين جوڻيجو، خرم ميراڻي، سينئر صحافي فدا حسين ابڙو، عبدالجبار ميمڻ، قاضي فريد احمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جي  عظيم مفڪر سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون سائين جي ايم سيد سنڌ جو عظيم رهبر هو جنهن سنڌي ماڻهن سان محبت ۽ پيار ڪندي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪر نظريو اڄ تائين هلندو اچي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ نظرئي تي هلڻ سان ئي سنڌ جي حقن جي حاصلات ممڪن آهي.

سڪرنڊ ۾ سنڌ عوامي سٿ طرفان سيد جي سالگرهه تقريب

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سنڌ عوامي سٿ پاران سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره تقريب سنڌ عوامي سٿ يونٽ ڳوٺ مجيد ڪيريو جي اڳواڻ ارسلان ڪيريو جي ميزباني هيٺ ڪوٺائي ويئي. ان موقعي تي سنڌ عوامي سٿ جي عهديدارن پاران جي ايم جي 117 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن ليکڪ ڪالم نگار غلام حسين جوڻو ، زوهيب جمالي ، عبدالرشيد لاکو ، امان الله ڪيريو ، محمد علي ڪيريو ، جان شير ۽ ٻين چيو ته سيد جو فڪر اڄ جي نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهي جنهن جي فڪر سان هو پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا. اڳواڻن چيو ته نوجوان پنهنجي جدوجهد سان سنڌ ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا. ٻئي طرف ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران صدورو ڪيريو جي اوطاق تي سائين جي جي ايم سيد جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

رتيديري ۾ سيد جي سالگرهه مناسبت سان ريلي

رتوديرو (ن ع آ)رتيديري ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جي مناسبت سان جيئي سنڌ محاذ ( رياض چانڊيو ) پاران ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ جسم ڪارڪنن پاران وڏي انگ ۾  شرڪت ڪئي وئي ريلي جي اڳواڻي جسم جو جونيئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو ، مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر عالم پناه ابڙو ، نديم ديشي ميراڻي ، اياز بليدي ، علي رضا جلباڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا  ريلي ۾ شريڪ ڪارڪن قومي گيتن تي جھمريون هڻندا شهرين جي مک روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

سرحد ۾ مشعل بردار ريلي، سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سرحد ۾ جيئي سنڌ جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جي سلسلي ۾ جسقم پاران مين چوڪ کان پريس ڪلب سرحد تائين، زاهد خان کوسو،  جليل لکڻ، فيض کوسو، محبوب گهوٽو،  ايڊوڪيٽ عبدالمجيدميربحر، رشيدسنڌي، اڪرم ٿهيم، هزار خان کوسو، شوڪت مغل، ممتاچاچڙ، آصف لکڻ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ صوفي فنڪارن ۽ سازندن قومي ۽ صوفي گيت پڻ ڳايا، مشعل بردار ريلي سرحد شھر جي مختلف علائقن کي ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي، سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيئي سنڌ هلچل جي باني ۽ سنڌي قوم کي فڪر ۽ فلسفو ڏيندڙ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم اڳواڻ هو، جنهن سموري زندگي آجپي جي جدوجهد لاءِ وقف ڪئي هن جو ڏنل نظريو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.