جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

تحرير: سيد يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ”اڄ جيڪڏهن توجهه ڏيڻو آهي ته ملڪي سياست ۽ سماجيت جي بدران، پنهنجي ٻچن جي تحفظ ڏانهن توجهه ڏجي، شهري آن لائين اسڪولن جي ذريعي پنهنجن ٻارن کي گهرن ۾ محفوظ رکيو ويٺا آهن، پر غريب جا ٻار ۽ اندروني علائقن جا سمورا اسڪول بي سبب بند هئڻ جي ڪري، لکين ٻار دربدر آهن، جن کي پالڻ لاءِ مائٽن وٽ روزگار ئي نه آهي، حڪومت انهن کي انسان بنائڻ، علمي شخصيت بنائڻ جي بدران ظلم کي جاري رکندي، گندگي جو ڍير بنائيندي اچي، اهڙي ماحول ۽ انتظام هيٺ سموري گندگيءَ جا ڍير جيئن لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ سالن کان ميڊيا جا داستان بنجي ويا آهن، تيئن سڀني معصومن کي انهيءَ سوشل ميڊيا جي ذريعي گهر ويٺي ڏوهاري بنايو پيو وڃي، شهرين جي اولاد وٽ ته قيمتي موبائل ۽ آئي فون موجود آهن، پر ٻهراڙيءَ وارن وٽ اڄ به انٽرنيٽ جي سهولت نه هئڻ جي ڪري، جيڪي نسل جهالت ۽ ظلم جي ماحول ۾ پرورش پائيندي، جانور جهڙي زندگي گذاريندا پيا اچن، ڇا اهو انهن جو نصيب آهي…؟؟؟، يا اهو اسان سڀني جو ڏوهه آهي…؟؟؟”.

تڏهن مواليءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ”اها عالمي سازش آهي، ته اسلامي ملڪن جا علمي ادارا بند هجن، اخلاقي ثقافت جنهن تحت ڀاڪر پائڻ، هٿ ڏيڻ ۽ جهڪي ملڻ ئي اسلامي روايت مطابق انسانيت جو عظيم درس هو، جنهن کي مغربي ميڊيا جي ذريعي اسان جي انتظاميه پڻ اسان تي ڊبليو ايڇ جي حڪم تحت، چند سڪا وٺي، اسان ۾ وڇوٽيون وڌيون آهن، ۽ اهو ڪارو ناڻو اسان جو اقتدار اڇو ڪرڻ وارن وٽ ڪيئن ٿو پهچي، ڪٿي پيو خرچ ٿئي، اسان کي جيڪو هينئر ڪورونا جي سلسلي ۾ هائي لائيٽ ڪيو ويو آهي، ان لاءِ  وري جيڪي فنڊ ميڊيا کي مشهوريءَ جا ڊبليو ايڇ او جي مهربانين سان ملي رهيا آهن، اهي به ٻئي ڪنهن مقصد تي استعمال ٿي رهيا آهن، اهو پئسو پبلسٽي تي وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو، ۽ حقيقي مريضن ۽ گهرجائن تي گهٽ ٿو خرچ ٿئي، ڇو ته ادارا ڪيڏا به ڪرپٽ هجن، پر ورهائي کائڻ واري اصول تي اڄ به قائم آهن، اسلام آباد کان وٺي ڳوٺن جي يونين ڪائونسلن تائين ڪامورڪي سوچ جي ثقافت اسان جي ملڪ ۾ هڪ ئي آهي، ۽ اهائي رهندي، بلاول ملڪ جي مالڪي سنڀالي ته پوءِ اهي سڀ سوچون سڌري وينديون، ۽ سڀ پيارا پاڪستاني ٿي ويندا، مولانا فضل الرحمان لاءِ اهو چوڻ ته راولپنڊي ڪونه ايندو، پر جيڪڏهن آيو ته پوءِ چانهه پاڻي پياري روانو ڪري ڇڏينداسونس، هاڻ ٻڌايو ته اها چانهه پاڻي ڪهڙي ٿيندي آهي.“

تڏهن ڪامريڊ سليم چيو ته ”دوستو! اپوزيشن وارا عمران خان کي ڪيڏو به جهڪائڻ جي ڪوشش ڪن، پر هاڻ هن جي نصيب جي اڳيان سڀ ادارا زير ٿيندا وڃن، ۽ اڳتي هلي ڀلي عمران خان جا پنهنجا سڀ ساٿي اندران اختلاف رکندي، سندس سوچن جو ساٿ به نه ڏين، ته به عمران خان جو نصيب هاڻ عروج تي چڙهي چڪو آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته حقيقت ۾ مخالفن جي ناڪاميءَ کان پوءِ عمران خان جي سوچ ۽ نظرئي کي ملڪي ادارا به هٿي ڏيئي رهيا آهن، ۽ مخالفن جو رويو به درست ڪري رهيا آهن، کين فوج کي سياست ۾ يا ملڪي نظام ۾ شامل ڪرڻ کان منع ڪري رهيا آهن، ۽ جمهوريت جي حق ۾ هو واضح بيان ڏيندا رهيا آهن، هن وقت ۾ عمران خان جي عزت ۽ حيثيت هن خطي ۾ مستحڪم ٿي رهي آهي، عمران خان کي تحفظ ڏيڻ هاڻ روس ۽ چين جي به مجبوري آهي، جن ساڻس گڏجي هن خطي ۾ نئين تبديليءَ جي جيڪا پاڙ پختي ڪري ڇڏي آهي، ان کي هاڻ دشمن لوڏي به نه سگهندا، ۽ توهان ويٺا ڏسجو ته مولانا فضل الرحمان به ائين ئي ڪارنر ٿي ويندو، جيئن هي ن ليگ ۽ پ پ وارا ٿيندا پيا وڃن، پنهنجي گپ ۾ پاڻ پيا ترڪن، ۽ هاڻ ڀلي ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍن، ۽ جلسا ڪن، پر سياسي تجزيه نگارن جي نظرن ۾ سندن زور ٽٽي پيو آهي، هو اندران کوکلا ٿي ويا آهن، ۽ ادارن جي پٺيان هلڻ لڳا آهن، عمران خان جو سڀني کي ڇوٽ ڇڏي ڏيڻ وارو فارمولو، ڏيهي پرڏيهي ادارن کي سوٽ ڪري ٿو، ڇو ته ميڊيا جي ذريعي هو مخالفن کي هيسائي، ڌمڪائي چور بنائي چڪو آهي، پر عملي طرح جيئن عزيز بلوچ جا ڪيس ختم ٿيندا وڃن، تيئن عمران خان جي سوچن ۽ قدمن کڻڻ ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي، دنيا ڏسندي ته عمران خان ايندڙ دور جي اليڪشن کي ڪيئن ٿو کٽي، ۽ وري ٻيو دور اقتدار ٿو ماڻي.“

تڏهن مون چيو ته ”ميان… هاڻ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو، توهان جي حڪومت ۾ ميڊيا ۽ عوام وٽ چار پنج ضروريات زندگيءَ جا اهڙا مسئلا ڦاٿل آهن جن ۾ گيس، بجلي، پاڻي ۽ انڪروچمينٽ شامل آهن، جو اوهان کي نه اقتدار ٿو سمجهه ۾ اچي، ۽ نه ساٿي ٿا سمجهه ۾ اچن، شيخ رشيد وانگر هڪ سو ويهه ڏينهن واري وزارت، واري سان سڀني دوستن کي ڏيندا، خوش ڪندا اڳيان پيا هلو، هڪڙا ڏوهه ڪن پيا، ۽ ٻين جي ڏوهن جا پير ڊهن پيا، اقتدار جي ڪرسي مضبوط کان مضبوط تر ڪرڻ لاءِ توهان کي ٻين جا ترا ڪڍڻا پون ٿا، ٽن سالن جي اندر توهان هاڻ انفرادي پارٽي ٺاهڻ ڏانهن شروعات ڪري رهيا آهيو، توهان کي خبر پئجي ويئي آهي، ته توهان جي تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر ڪيترا مالڪن جي مهربانيءَ سان موجود آهن، ڪيترا گهرا دوست آهن، ڪيترا وقتي دوست آهن، ۽ ڪهڙي قوت هاڻ عوام ۾ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ٽائيگر فورس ته جيڪا ادارن ڏيکاري، تحريڪ انصاف جا پنهنجا ئي ماڻهو باغي ڪري ڇڏيا، تن کي پنجاب ۾ هاڻ روز فيصلن ۾ گهرايو پيو وڃي، اهو شڪر ٿيو ته سنڌ ۾ ان کي پير پائڻ نه ڏنو ويو، نه ته هتي انهن جي ئي حڪومت هجي ها، پر چوندا آهن ته ”اسان جي لاءِ سنڊ جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين“، جيتوڻيڪ وڏيرن جي واٺن مان هاڻ سوشل ميڊيا جي سجاڳيءَ کان پوءِ جند ڇٽي رهي آهي، ۽ هاڻ هرڪو ماڻهو ميڊيا جي ڏنل ڄاڻ مطابق وڏيري کي ولين پارٽي سمجهي ٿو، ۽ پنهنجي تحفظ، روزگار لاءِ پاڻ ئي هٿ پير هڻڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو، ان کي ئي تبديلي ۽ ايندڙ دور جي صحيح سجاڳي سمجهڻ گهرجي، ميڊيا اسان کي فرشتو به بنائي سگهي ٿي، ۽ شيطان به، ٻئي علم انٽرنيٽ ۾ موجود آهن، جنهن تي اسان جو وقت، اکين جو نور، سرمايو ۽ رشته 24 ڪلاڪ قربان ٿي رهيا آهن، موٽ ۾ اسان جا ٻار اهو ڪجهه سکي رهيا آهن، جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن نه سکيو، ۽ نه اسان ئي ان کي هضم ڪيو، جڏهن ته هاڻ نياڻيون به جنهن انداز کي اپنائين، اهو اسان جي آزاديءَ جو اهڃاڻ آهي، پاڪستان جي عورت مختلف ثقافتن جي ثمر ۾ بي وس آهي، ان ڪري ان جو اڳتي هلي، باپرده تهذيب يافته سجاڳ ذهن ۽ انقلابي عورت جي خواب ڏسڻ جو اسان کي حق آهي، پر حقيقت نه آهي.”

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.