ٺٽي ضلعي جي 13 اسپتالن ۾ مسئلن خلاف ڪميٽي پاران جاچ شروع

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سول اسپتال مڪلي ٺٽو سميت 13 اسپتالن ۾ صحت جي سهولتن جي اڻهُوند، بدانتظامي ۽ ڪرپشن بابت جاچ جاري، وڏي وزير جي حڪم تي صحت کاتي جِي جوڙيل خصوصي ٽيم صحت کاتي حيدرآباد جي ڊويزنل ڊائريڪٽر عبدالحميد سومرو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نظير احمد رند ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ھيلٿ ڊاڪٽرياڻي رخسانہ چنڙ مختلف اسپتالن جا دورا ڪرڻ بعد سول اسپتال ٺٽو ۾ ڪئمپ قائم ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، جانچ ٽيم  ابتدائي جاچ دوران جنريٽر ڪرائي تي ھلائڻ، آڪسيجن نہ ھجڻ، انساني زندگيون بچائڻ واريون دوائون نہ ھجڻ، ايمرجنسي شعبي سميت سمورن وارڊن ۾ 30 کان مٿي قيمتي ۽ زندگي بچائڻ واريون دوائون ۽ ويڪسين نہ ھجڻ سميت غيرقانوني طور ليبارٽري فيس وصول ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو آھي، سول اسپتال مڪلي ۾ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي پڻ پهچي جاچ ٽيم آڏو سول اسپتال ٺٽو سميت 13 ئي صحت مرڪزن ۾ بدانتظامي ۽ دوائن جي کوٽ بابت پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو تہ مرف اين جي او جو انچارج نان ٽيڪنيڪل ۽ هٽايل هڪ ٽيچر آهي، فوري طور انچارج آدم ملڪ کان چارج ڇڏائي وڃي. ھن چيو تہ سول اسپتال ٺٽو ۾ بدترين ڪرپشن ڪري اسپتال کي ڪوس گهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، مختلف وقتن تي اسپتال انتظاميہ جي لاپرواهي سبب فوت ٿيل مريضن جا ڪيس مرف اين جِي او جي انچارج آدم ملڪ خلاف داخل ڪرايا وڃن. ھن چيو تہ سول اسپتال ٺٽو ۾ ڪرونا دوران آندل وينٽيليٽر مشينون بغير استعمال جي واپس ڪيون ويون ۽ اسپتال جي رهائشي ڪالوني ۾ مرف اين جي او جي اچڻ بعد گئس جي فراهمي بند ڪئي وئي، ملازم ۽ مريض پريشان بڻيل آهن ۽ ڪيترن ئي انڪوائرين کي منهن ڏيندڙ بااثر ڊاڪٽرن کي مرف اين جي او مقرر ڪرايو آهي، جن کي پڻ هٽايو وڃي. ان موقعي تي جانچ ٽيم ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي کي خاطري ڪرائي تہ ھو جانچ مڪمل ڪري وزير اعلي سنڌ کي موڪليندا، جنھن رپورٽ جي اڌار تي سمورين اسپتالن ۾ وڏو سڌارو اچي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.