کهڙن ۾ ڪوچ اوندهي، 30 مسافر زخمي

کهڙا ( ن ع آ ) کهڙا ويجهو گمبٽ قومي شاھراھ روڊ تي تيز رفتار مسافر ڪوچ اوندهي. 30 مسافر زخمي. موٽروي پوليس  زخمين کي اسپتال پھچايو. کهڙا ويجهو گمبٽ ڀرسان ڳوٺ غلام حيدر ڦل وٽ قومي شاھراھ روڊ تي ڪراچي کان ميرپور ماٿيلو ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ اوچتو ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا زخمين ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا شامل جنهن کي موٽر وي پوليس طبي امداد لاءِ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو. زخمين ۾ مسمات مھنازخاتون مسمات خانزادي 15 ورھين  جو نينگر نجف 12 ورهين جو فدا حسين ۽ ٻيا مسافر شامل آهن جنهن جو تعلق مختلف شهرن سان آهي مسافرن کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو انهي حوالي سان معلوم ٿيو آھي ته حادثي جو سبب مسافر ڪوچ جي ڊرائيور جي اور ٽيڪ ڪرڻ سبب پيش آيو آهي.

 ٽنڊومستي ۾ وين جو ٽريڪٽرٽرالي سان  ٽڪر، ڊرائيور سميت 6 ڄڻا زخمي

ٽنڊومستي (ن ع آ  ) ٽنڊومستي قومي شاهراھ ته مسافر ويگن ڊوم جو  ٽريڪٽرٽالي سان زوردار ٽڪر , جنهن جي نتيجي  ۾ ڊرائيور سميت 6 ڄڻا زخمي , اسپتال داخل ,خبر موجب ٽنڊومستي قومي شاهراھ ته صادق آباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڊوم ويگن  ٽريڪٽرٽالي سان زوردار ٽڪر ٿي پيو , جنهن جي نتيجي ۾ ويگن ڪلٽي ٿي پئي  , جنهن ۾    ڪراچي واسي ڊرائيور محمد حبيب اعواڻ , ڏهرڪي واسي مسافر ظفر سومرو ۽ ڪراچي واسي مسافر خالد پٺاڻ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا , زخمين کي ٽنڊومستي پوليس کڻائي  خيرپور سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو آھي , جڏھن ته ڊاڪٽرن زخمين ۾ ٽن ڄڻن کي معمولي زخمي هجڻ ڪري پٽي ڪري روانو ڪري ڇڏيو .

,

ميان صاحب لڳ ڀت هيٺان اچي نينگر زخمي،جهيِڙو،5 زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ ۾ اوطاق جي ڀت ڪرڻ سبب 8 ورهين جو تاج محمد پٽ امتياز لوڊرو  زخمي ٿي پيو جنهن بعد لوڊرا ۽ شيخ برادري جا ماڻھون پاڻ ۾ وڙهي پيا جنهن دوران محمد ملوڪ شيخ ، رفيق احمد لوڊرو سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف اين سيز داخل ڪرايون ويون آهن .

ڊگهڙي ۾چوري ڪندي ملازم کي پڪڙيندڙ مالڪ زخمي

ڊگهڙي(ن ع آ ) شهر ۾ ميرواھ گورچاڻي روڊ تي ويلڊنگ جي دڪان مالڪ رضوان ولد محمد اڪرم مغل کي دڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم بيلچن جا وار ڪري سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو زخمي شخص کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو،زخمي شخص جي وارثن جو چوڻ ھو ته دڪان تي ڪم ڪندڙ عابد قريشي جنهن دڪان مان ڪجھ روڪ رقم چوري ڪئي دڪان مالڪ رضوان مغل کيس چوري ڪندي ڏسي ورتو جنهن تان هن مڇرجي پنهنجي ڀائرن فدا ۽ فقير محمد سان گڏجي بيلچن جا سڌا وار ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اسان پوليس وٽ واقعي جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

ڪوٽڙي پوليس جون ڪارروائيون، ست افغاني گرفتار

ڪوٽڙي ( ت ر ) ايس ايس پي ڄامشورو محمد انور کھيتران جي خاص ھدايتن تي   ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ايس ايڇ او سائيٽ رزاق  ڪمانڊو ايس ايچ او ڪوٽڙي عرض محمد خاصخيلي جي سربراھي ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي خورشيد ڪالوني واري علائقي ۾ ڇاپو ھڻي غيرقانوني طور تي رھندڙ افغانين نظر محمد ، جان محمد ، فضل خان، احمد شاھ ، سليمان، يار محمد ، نواز کي کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، ھوڏانھن سي آءِ اي پوليس ڄامشورو ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي مين پوڙي سان ڀريل ھڪ رڪشا ھٿ ڪري ابرار ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن خلاف ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف نوري آباد پوليس پاران ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس وٽان چوري ڪيل 32 لک روپين جي سونه زيور ۽ روڪ رقم ھٿ ڪري جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.  ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد انور کھيتران  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏوھارين خلاف ڪارروائيون جاري آھن ضلعي مان مڪمل امن وامان جي بحالي تائين جاري رکيون وينديون.

ڳڙهي حسن ۾ بدامني وڌي وئي، ڳوٺاڻي کان ڦر ڪوشش

ڳڙهي حسن (ن ع آ)ڳڙھي حسن ٿاڻي  جي حد  دوڙ شھر ايندي موٽرسائيڪل سوار ڳوٺاڻي  عبدالجبار ڪنراڻي

کان نامعلوم ڦورو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي تہ مذاهمت تي ڳوٺاڻي موٽرسائيڪل سوار عبدالجبار ولد نور محمد ڪنراڻي گاڏي ڀڄائي ويجهي  نزديڪي گهر پنهل ڪنراڻي جي اندر وڃي پناه ورتي ته ڌاڙيل پوئتي موٽي ويا ۽ ڳوٺاڻي پاران پوليس اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي گهٽ بند ڪرايا ان باوجود به نامعلوم جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس موجب نفري گهٽ هئڻ سبب چوڪيون بند آهن ۽ جلد سپاھ وٺي حد اندر امن امان ڪرايو ويندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.