حيدرآباد ۾ سنڌ سڀا جي بک هڙتال، سنڌي انعام ۽ ٻين جي ملاقات بند

حيدرآباد ( پ ر)  سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس حملي، نياڻين تي تشدد، سنڌي انعام ۽ سندس ساٿي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ سندن مٿان جڙتو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ستين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب تي سنڌ سڀا جي نائب صدر ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ جهوني قومپرست ڪارڪن حسين ڏاهريءَ جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل سنڌ سڀا اڳواڻن سنڌي انعام ۽ نور باگڙي جي جيل اندر بک هڙتال نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. نعيم سنڌو, وفا سنڌي, شعيب خاصخيلي، اصغر جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاج به هلندڙ آهي. بک هڙتال تي ويٺل سنڌ سڀا نائب صدر نذير کوکر ۽ حسين ڏاهري چيو ته کنڀيلن جي آزادي لاء پرامن طريقي سان ڪراچي کان راولپنڊي تائين لانگ مارچ شروع ڪيو جيڪو اوٻاوڙو پهتو ته مٿس پوليس حملو ڪري سنڌ سڀا جي اڳواڻن سنڌي انعام ۽ نور باگڙي, اي ڊي راهمون, شبير لغاري, شعيب چانڊيو, اصغر شيخ کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جن سان ملاقات به ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي, جتي پرامن مارچ ڪرڻ  نه ٿو ڏنو وڃي, ان سسٽم ۾ جيئڻ جو ڪو فائدو آهي. سنڌو امان چانڊيو, اصغر خاصخيلي،عاقب چانڊئي جي ڀيڻ شازيه چانڊيو، ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙي,  ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پٽ نصيب کوسي ۽ ٻين چيو ته سندن گم ڪيل پيارا آزاد ڪيا وڃن. فقير محمد ڏاهري, فاروق لانگاهه, سجاد سنڌي, نور احمد باگراڻي, علي شير مگسي, ماجد علي, سورٺ لوهار، شاهه فهد، منظور چنه، طالب حسين منگي، ديوان سنڌي، هوشو سنڌي، زاهد سومرو، فياض حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.