مٺي ۾ سماجي اداري پاران تعليمي ريلي

مٺي (بيورو رپورٽ) ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ 8 جنوري سنڌ جي تعليمي ڏينهن جي مناسبت سان سماجي اداري ڍٽ، ٿر ايجوڪيش الائينس، تعليم کاتي ٿرپارڪر، گورنمينٽ ھاء اسڪول مٺي ۽ پ ٽ الف طرفان تعليمي جاڳرتا ريلي منعقد ڪرائي وئي جيڪا گورنمينٽ ھاء اسڪول مٺي کان نڪتي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ان موقعي تي چيف مانيٽرنگ آفيسر ٿرپارڪر محمد ابراهيم ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته ڍٽ ادارو ٿرپارڪر ۾ تعليم جي واڌاري لاء تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آھي خاص ڪري 16500 کان مٿي آئوٽ آف اسڪول ٻارن کي ٿرپارڪر جي 30  يونين ڪائونسلز جي 700 اسڪولن ۾ داخل ڪريا آهن ان سان گڏ  ٿر ايجوڪيشن الائينس غير نصابي سرگرميون ڪري ٻارن جي ذھني ۽ جسماني اوسر وڌائڻ جو ڪم ڪيو هن وڌيڪ چيو ته اڄ ھن ريلي ۾ اسين سڀ اهو عزم ڪيون ٿا ته اسان کي ٿرپارڪر ضلعي جا سمورا اسڪول آباد ڪرائڻا آهن ۽ آئون سڀني ڳوٺاڻن کي هن ريلي ۾ اهو عرض ڪندو هلان ته اوهان پنهنجن اسڪولن جي مالڪي ڪيون.  سماجي تنظيم ڍٽ جي سرواڻ ڪرشن شرما پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ 8 جنوري هي جيڪا ريلي اسان طرفان ڪڍي ويئي آھي ان ۾ شرڪت ڪرڻ تي آئون اوهان سڀني استادن، شاگردن، سماجي ورڪرن ۽شهرين جو ٿورائتو آھيان هن سنڌ جي تعليم جي ڏينهن جي شروعات محترم لياقت ميراڻي ڪئي هئي ۽ اڄ ھي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ ملهايو پيو وڃي ڍٽ اداري گذريل پنجن سالن کان ٿرپارڪر ۾ تعليم جي بهتري لاء ڪوششون ڪري رهي آھي جن ۾ ڪافي اسڪولز ۾ مسنگ فيسلٽيز، استاد، شاگردن ۽ ايس ايم سي جي ميمبرن کي ٽرينگز ڪرايون ويون آھن ۽ هن سال 2021 دوران اسان ڇوڪرين جي سيڪينڊري تعليم کي بهتر بنائڻ تي ڪم ڪنداسين ان کان پوء پ ٽي الف جي ضلعي صدر بادل دل ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي ڏينهن تي اهو عهد ڪريون ٿا ته پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن کي معياري تعليم ڏيارڻ لاء ڪوششون وٺون ۽ پنهنجا اسڪول آباد ڪيون.  تعليمي ڏينهن جي مناسبت سان ريلي کي سماجي اڳواڻن سارنگ رام مٿراڻي، اڪبر درس، خانزادي ڪپري، انور ساهڙ، وجئه شرما، ڀيشم ڪوٺاري، ميهش ايسراڻي، ڀورالال سنڌي، ثناالله ڪنڀر، نندلال شرما، اميتاب ٻلاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.