قانون جوڙڻ حڪومت جو ڪم، عمل عدالتون ڪرائينديون: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا آهن ته قانون جوڙڻ حڪومت جو ڪم آهي ۽ عدالتون ان تي عمل  ڪرائينديون آهن. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ خيبرپختونخواهه ۾ سول سرونٽ ايڪٽ ۾ رٽائرمينٽ جي عمر بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري ملازمن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سول سرونٽ ايڪٽ ۾ رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال ڪئي وئي آهي، 25 سال جي سروس تي رٽائرمينٽ جو قانون ختم ڪيو ويو آهي ۽ اسيمبلي ۾ ڪنهن کي ٻڌڻ ۽ بحث کانسواءِ بل منظور ڪيو ويو آهي. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته جڏهن ماني پچي وئي هجي ته اهو پڇڻ بيڪار آهي ته اٽو ڪٿان آيو، جيڪڏهن ڪنهن کي اسيمبلي جي ڪارروائي تي اعتراض آهي ته اسيمبلي ۾ وڃي شڪايت ڪري. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته قانونسازي ۾ ڪنهن جو موقف ٻڌڻ جو تصور ناهي، جڏهن قانون تي گورنر جي صحيح ٿي وئي ته پوءِ معاملو ختم ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.