جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران 17 جنوري تي جلسي جو اعلان

حيدرآباد   ( پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117هين سالگرهه 17 جنوري 2021ع تي سن ۾ ملهائي ويندي. سالگرهه جي موقعي تي سيد جي مزار جي پيراندي کان پارٽي پاران سياسي جلسو پڻ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته سائين جي ايم سيد کي ياد ڪرڻ جي معنيٰ سنڌ جي آئيندي جي شاندار اڏاوت واري خواب کي ورجائڻ آهي. سيد سنڌي قوم جي قومي تڪميل لاءِ تاريخ ساز ڪم ڪري ويو آهي. ان ڪري سنڌ جي تاريخ تي سندس دائمي ڇاپ رهڻي آهي، سندس سالگرهه جي موقعي تي اسان سن ۾ عظيم الشان سياسي جلسو ڪنداسين. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جاري انساني حقن جون ڀڃڪڙيون چوٽ چڙھي ويون آهن. اهي عمل بند ٿيڻ گھرجن. هن انعام عباسي سميت سمورن گرفتار ۽ گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادا جي گھر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.