صحت کاتي جي ٽيم پاران سرحد ۾ ڇاپا هڻڻ دوران عطائي ڊاڪٽرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ، ڇاپن دوران غيرقانوني ڪلينڪون ۽ ليبارٽريون سيل ڪيون ويون ، ڪراچي ۽ سکر کان آيل صحت کاتي جي ٽيم پاران ڊاڪٽر شيراز علي خواجا جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن، ستار ميمڻ، رحيم بخش ڪورائي، نظير پتافي، سنجي ڪمار، مکڻو مل، ۽ ٻين جي ڪلينڪن تي ڇاپا هڻي ڪلينڪن کي سيل ڪيو ، جڏھن ته ٽيم اچڻ جو ٻڌي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا ، صحت کاتي جي ٽيمن پاران عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۽ غير قانوني هلندڙ ليبارٽرين کي پڻ سيل ڪيو .