پاڪستان ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.

اين سي او سي سربراهه اسد عمر ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر اڄ ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي ۽ انهن کي منظوري لاءِ سڀاڻي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

وفاقي وزير موجب صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان جي سربراهي ۾ ماهرن جي ٽاسڪ فورس اهي سفارشون تيار ڪيون هيون، جن کي اڄ حتمي شڪل ڏني وئي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد چيو هو ته وزيراعظم دوا جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومتي سطح تي پاڪستان ٻن وڏين فارماسيوٽيڪل ڪمپنين سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.