وفاقي وزير اسد عمر گهوٽڪي جي دوري تي پهتو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران آجيان

وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وفاقي وزير اسد عمر گهوٽڪي جي دوري تي پهچي ويو ، اسد عمر اوٻاوڙو ۾ پي ٽي آئي ايم پي اي شهريارخان شر جي رهشگاه تي پهتو جتي ڪارڪنن پاران گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪيو ويو،  ايم پي اي شهريار شر پاران وفاقي وزير اسد عمر کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارايو ويو جنهن بعد  هن پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته سنڌ  حڪومت پاران سامونڊي ٻيٽ وفاق کي لکت ۾ ڏنا ويا آهن سنڌ جي ٻيٽن تي گهر اڏڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي روزگار ملندو،  سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي سياست ڪري رهي رهي آهي ، هن  چيو ته گهوٽڪي ضلعو هن جو پنهنجو گهر آهي،  هن  اينگرو ۾ ملازمت ڪئي آهي، ضلعو گهوٽڪي اهو واحد ضلعو آهي جيڪو ستر سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو پر بدقسمتي سان اهي ادارا هتا جي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۾ هتان جي ماڻهن کي نظرانداز ڪن پيا، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن کان حڪومت آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي کان سواء ڪجھ به نه ڏنو آهي هن چيو ته هاڻي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي سياست ختم ٿي رهي آهي  سنڌ اندر پي ٽي آئي حڪومت پنهنجي اتحادين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي ، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر سان پي ٽي آئي اڳواڻ فردوس شميم نقوي  سميت ٻيا پارٽي اهم عهديدار گڏ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.