ٽنڊو محمد خان: اقليتي برادري جي نوجوانن تي حملو،3 زخمي،متاثرن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان جي راڄو نظاماڻي ۾ اقليتي برادري جي نوجوانن تي هٿياربندن جي حمل 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، واقعي خلاف  متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  ٽنڊو محمد خان جي راڄو نظاماڻي ۾ اقليتي برادري جي نوجوان پورهيتن اجيت ڪمار ، روي ڪمار ، راهول ڪمار تي حملو ڪيو ويو ، جوابدارن خلاف راڄونظاماڻي پوليس پوسٽ تي فرياد ڪئي وئي پر پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، جوابدار جي گرفتاري لاءِ اقليتي برادري جي نوجوانن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ۽ حملي ۾ ملوث بااثر جوابدار سرفراز نظاماڻي جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.