ڪي اين شاهه ۾ ميونسپل جي برطرف ملازمن جو مظاهرو

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاھ ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جو بحالي ۽ رهيل پگهارن لاءِ زاهد ڀٽي، منير آرائين، صادق کوسو، عباس علي چانڊيو،  سڪندر ڪنڀر، محمد علي لغاري ۽ واحد لغاري جي اڳواڻي ۾ اڱاري ڏينهن به هٿن تي بينر ۽ پيپلزپارٽي جا جهنڊا کڻي مين بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو 2011 ۾ ميونسپل ڪاميٽي ۾ نوڪري ڏنيون هيون جنهن کان پوءِ  اسان کي 2012 تائين ڊوٽيون ڪيون سين ۽ هڪ سال تائين بينڪ مان پگهارون به کنيوسين اسان کي بنا جواز ۽ بغير ڪنهن شوڪاز جي اسان نوڪري تان لاهي اسان کي بيروزگار ڪيو ويو جيڪا اسان سان سراسر نا انصافي ڪئي وئي آھي، فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون ۽ ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، پ پ چيئرمين ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.