سکر : شيعا اڳواڻن پاران حددخلين جي آڙ ۾ غريبن جا گهر ڊاهڻ تي ڳڻتي ظاهر

سکر  ۾ شيعا تنظيمن جي  اڳواڻن  پاران حددخلين جي آڙ ۾ غريبن جا گهر ڊاهڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ،

شيعا علماءِ ڪائونسل، مجلس وحدت المسلمين سميت مختلف اهل تشيع تنظيمن جي اڳواڻن علي بخش سجادي، چوڌري اظهر حسنين، مولانا رياض حسين روحاني، مولانا امداد حسين الحسيني، علامه سيد عالم ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي نالي تي غريبن جا گھر ڊاٿا پيا وڃن، ڪيتريون ئي مسجدون ۽ امام بارگاهون شهيد ڪيون ويون آهن، صوبائي حڪومت اڃا تائين متاثرين کي متبادل جڳهه ڏيڻ جو اعلان ناهي ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته حددخلين خلاف شروع ڪيل آپريشن سبب متاثر ٿيندڙ خاندانن کي متبادل جڳهون ڏنيون وڃن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.