ملڪ ۾ ڪورونا وبا ٻيهر عروج تي، وڌيڪ 59 ڄڻا فوت ٿي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر شدت پڪڙي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 938 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 2 هزار 665 جا نتيجا هاڪاري آيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 74 هزار 173 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي ٻڌايو آهي ته هيل تائين 3 لک 29 هزار 828 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته نون ڪيسن کانپوءِ فعال مريضن جو انگ وڌي 36 هزار 836 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 59 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب حياتيون وڃائي ويٺا، ائين ملڪ ۾ وبا سبب فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 7 هزار 662 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.