ڪورونا ڪيس وڌڻ تي لاڪ ڊائون جي ذميوار پي ڊي ايم هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ڪورونا ڪيس وڌيا ته مجبورن لاڪ ڊائون هڻڻو پوندو ۽ لاڪ ڊائون جي ذميوار پي ڊي ايم هوندي.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر ڳڻتي جوڳي آهي، پشاور ۽ ملتان ۾ 200 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 148 سيڪڙو، لاهور ۾ 114 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 65 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃي چڪا آهن، مان قطعي طور لاڪ ڊائون جو قدم کڻڻ نٿو چاهيان، ڇو ته اسان جي معيشت کي نقصان پهچڻ شروع ٿيندو، جيڪا هن وقت تيزي سان ريڪوري ظاهر ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان مخالف ڌر اين آر او جهڙي هدف پويان آهي، اپوزيشن اين آر او حاصل ڪرڻ جي مايوس ڪندڙ ڪوششن ۾ عوام جون زندگيون ۽ معيشت تباهه ڪري رهي آهي پر مان واضح ٿو ڪيان اپوزيشن ڀلي لکين جلسا ڪري، انهن کي ڪو اين آر او نه ملندو.

عمران خان موجب جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن جي موجوده شرح وڌندي رهي ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون تي مجبور ٿينداسين ۽ ان جي نتيجن جي ذميواري اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم تي لاڳو هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.