لاڙڪاڻي ۾پاپوليشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن اينڊ ويلفيئر کاتي جي ملازمن آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسئيشن جي سڏ تي مطالبن  جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آپڪا اڳواڻن پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، محمد نواز ميمڻ، عبدالوحيد چانڊيو، محمد اسماعيل لنجواڻي، طارق ڀٽو، عامر رضا کيڙو، رضوان سرهيو، آصفع لي ميمڻ، خدابخش جتوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي لاءِ ٻٽو نظام قائم ڪري حڪمرانن طرفان ڪجهه کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي ٻين کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪي روڊن تي نڪري جدوجهد پيا ڪن. هنن چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪيل ملازمن کي هن وقت تائين پروموشن نه ملي سگهيا ۽ نه ئي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪيو ويو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، پاپوليشن کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته او ٽي ٽيڪنيشن، پروجيڪشن، ليب اسسٽنٽ، ڊرائيورن، چوڪيدارن، ميل ۽ فيميل ورڪرز، ايف ٽي او ۽ ٻين ملازمن کي اپ گريڊ ڪري فوري طور گريڊ هڪ کان 17 هين گريڊ جي ملازمن کي پروموشن ۽ ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، سوشل ميل موبلائيزرن کي گريڊ هڪ ڏيڻ بجاءِ سندن تعليمي قابليت مطابق 11 هون گريڊ ڏنو وڃي، رٽائرڊ ملازمن کي فوري طور گروپ انشورسن ڏنو وڃي، پروموشن پاليسي نالي ماتر آهي جنهن ڪري پروموشن جو تعداد وڌايو وڃي، سمورن سرڪاري ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس ڏئي ٻٽو نظام ختم ڪري نوڪرين ۾ رٽائرڊ ۽ سينيئر ملازمن جي اولادن کي 50 سيڪڙو ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.