حيدرآباد ۾ دادو واسين جو پوليس خلاف احتجاج

حيدرآباد( رپورٽر) دادو جي ڳوٺ احمد خان جتوئي جي پيرسن رهواسي عرس جتوئي معصوم ٻاڙرن سان گڏجي خاڻوٺ پوليس جي  ناجائزين خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته گهڻي وقت کان خاڻوٺ پوليس ۽ اتان جا بااثر ماڻهو  سندس پٽ حاجي خان جتوئي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هيا، جنهن سبب هو گذريل 2 مهينن کان گهر ڇڏي روپوش ٿي ويو آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته پٽ حاجي خان تي ڪوڙا ڪيس ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.