ڀريا روڊ: فرانس جي حڪومت پاران توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف احتجاجي ريلي

فرانس ۾ توهين آميز خاڪا ٺاهڻ خلاف ڀرياروڊ جي سياسي سماجي مذهبي ڌرين ۽ دوڪاندارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ،  ان موقعي تي اڳواڻن امتياز علي آرائين ، مولوي شفيق احمد آرائين ، مولوي اشرف علي آرائين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حضور صلي الله عليه وسلم اسان جو آخري نبي آهي ،هنن چيو ته  توهين آميز خاڪا ٺاهڻ مسلمان ملڪن کي للڪارڻ برابر آهي .هنن چيو ته اسان پنهنجي جانين جا نظرانا ته ڏئي سگهون ٿا پر رسول جي توهين هر گز برادشت نه ٿا ڪري سگهون هنن پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو  ڪيو ته  فرانس جا سفارت خانا بند ڪري انهن سان مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.