مبارڪپور ويجهو ڪارنهن الزام جو ٿيل جرڳو ڪوڙو ثابت، چٽي ۾ ڏنل معصوم نياڻي واپس وٺن جو فيصلو

مبارڪپور (ن ع آ)مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪسارو شر ۾ 20 ڏينهن اڳ شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ ڪارنھن جو جرڳو ٿيو  ھو،ڳوٺ ڪسارو شر جي رھواسي الاھي بخش شر کي 20 ڏينهن اڳ ڪارنھن الزام ڏئي سرپئنچ مقدم جان محمد شر ۽ ٻين ڪارنھن جو جرڳو ڪري فيصلي ۾ ھڪ لک 20 ھزار رپيا ۽ معصوم نياڻي سڱ چٽي جي فتويٰ جاري ڪئي ھئي، جنھن کانپوءِ ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد نوٽيس وٺي جرڳي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيس داخل پڻ ڪيو ھو، اھڙي فيصلي بعد اڳوڻي ايم پي اي عابد حسين جتوئي رد عمل ڪندي سرپئنچ ڪندڙ مقدم سميت  شر برادري کي ٻنهي ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي شڪارپور جي رھائش گاهھ تي گھرائي ورتو هو، ٻنھي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون، ڪارنھن الزام هيٺ آيل نوجوان الاھي بخش شر ۽ ناري ( ل ) تي ڏوهھ ثابت نه ٿيڻ تي جرڳي ۾ سڱ جي چٽي طور ڏنل معصوم نياڻي بتول واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سرپئنچ مٿان سخت ڪاوڙ ڪيو، عابد حسين جتوئي شر برادري جي ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارايو ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ اھو به چيو ته اگر ڪنھن به ڌر اڳڀرائي ڪئي ان ڌر مٿان ٻيڻ تي ڏنڊ مقرر ڪيو ويندو، جرڳي ۾ واپس سڱ چٽي طور ڏنل معصوم نياڻي بتول جو ٻڌي جنھن کانپوءِ علائقي ۾ ٻڌي ماڻهو ۾ وڏي خوشي ڇائنجي وئي.

ٽنڊي آدم ۾ريل جي ڊرائيور جو ڪارنامو، گاڏي بيهاري ڀاڄي ورتي

ٽنڊوآدم (ت ر ) ريل جي ڊرائيور جو ڪارنامو ، ٽنڊوآدم ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي ريل بيهاري ڀاڄي خريد ڪئي ، ڪافي دير تائين ڦاٽڪ بند ٿيڻ سبب شهري پريشان ،  وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل رپورٽ موجب پنجاب کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي ڊرائيور ريلوي اسٽيشن تان هلڻ بعد شهر جي جٽيا ڦاٽڪ تي ريل کي بيهاري اتان ڀاڄي خريد ڪئي جنهن ڪري ڦاٽڪ ڪافي دير تائين بند رهيو ۽ ڦاٽڪ تان گذرندڙ شهري سخت پريشان رهيا  شهري ڊرائيور کي ڀاڄي خريد ڪندي ڏسي  حيران ٿي ويا . ۽ ڦاٽڪ کلڻ جو انتظار ڪندا رهيا هڪ شهري ڊرائيور جي ان عمل جي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.