لاڙڪاڻي ۾ڌار ڌار حادثا، 2 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو ۽ گاجي روڊ تي ڌار ڌار حادثن ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪالهه رتوديرو روڊ تي شڪارپور  ضلعي جي ڳوٺ رحيم آباد واسي نوجوان اوچتو ڪِري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ٻين مسافرن کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو. ٻئي پاسي وارهه ڀرسان گاجي روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ وارهه واسي نوجوان طارق ٽوٽاڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ٻنهي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.