تلهار: احساس پروگرام جي رجسٽريشن سينٽر تي عورتن جي پيهه،سهولتن جي اڻاٺ

تلھار ۾ احساس پروگرام جي رجسٽريشن  سينٽر تي  مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان آيل مستحق پيرسن عورتن جي پيهه لڳل رهي جڏهن ته ايس او پيز تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو، ،پراڻي تباھ حال واٽر سپلاء جي پلاٽ ۾ احساس رجسٽريشن جي آفيس قائم ڪري عورتن جي مرحليوار رجسٽريشن جو عمل پڻ جاري رکيو ويو جتي  واش روم توڙي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه هجڻ ڪري عورتن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو ،  سينٽر تي آيل عورتن ٻڌايو ته ھتي من پسند ماڻھن جي سفارش تحت ڪم ڪيو پيو وڃي

ھوڏانھن رجسٽريشن عملي پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته هو  تلھار جي مختلف يوسين کي ترتيب ۽ مرحليوار سان هلائين پيا عورتون غلط بياني ڪري وڙھڻ لڳن ٿيون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.