مورو: ڏيپارجا لنڪ روڊ جي ناقص صورتحال خلاف احتجاجي ڪئمپ

مورو ڀرسان ڏيپارجا لنڪ روڊ ھنڌان ھنڌان پٽجي ويو،روڊ ۾ کڏا پوڻ سبب روڊ تي روز حادثا معمول بڻجي ويا ،علائقي واسي سياسي سماجي ڌرين پاران روڊ جي ناقص صورتحال خلاف  مورو پريس ڪلب تي احتجاجي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي ، ان موقعي تي فريد خان ڪلھوڙو،اڪبر سنگراھ،جسقم جي شاھنواز سنڌي،محمد شاھ، ۽ ٻين  ڳالهائيندي چيو ته سالن کان روڊ جي مرمت نه ٿي آهي ،  روڊ جي مرمت لاءِ چار ڀيرا آيل پئسا ڪامورن جي کيسن ۾ هليا ويا ، علائقي واسي سٺي سفري سهولت کان محروم بڻيل آهن ،  هنن سنڌ حڪومت ، روينيو جي صوبائي وزير ۽ اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڏيپارجا لنڪ روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾  احتجاج جو سلسلو تيز  ڪيو ويندو ،

رپورٽ- شاھنواز ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.