مظفر ڳڙهه ۾ جرڳو، 9 ٻارن جي ماءُ ڪاري قرار، قتل جي فتويٰ

مظفر ڳڙهه ( م ڊ ) پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه جي علائقي چوڪ قريشي ۾ جرڳي 9 ٻارن جي ماءُ کي ڪاري قرار ڏئي قتل جي فتويٰ جاري  ڪري ڇڏي، جڏهن ته پوليس جرڳو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب جرڳو 20سيپٽمبر تي ٿيو، لاڏائو قبيلي جي جاڙنه بي بي جرڳي وقت ڳورهاري هئي، انڪري فتويٰ ۾ چيو ويو ته ويم کان پوءِ عورت کي جرڳي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن قتل ڪري سگهجي، عورت جي ڀائرن هن کي تحفظ لاءِ ٻئي شهر موڪلي ڇڏيو رپورٽ موجب عورت  تونسا کان راجنپور پهتي، جتان جهنگ ۾ هڪ پير جي آستاني تي پهتي آهي، پوليس موجب ڊيرا غازي خان جي آر پي او جي حڪم تي ٿاڻي ڪرم داد قريشي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جرڳو ڪندڙ نذر محمد سميت جرڳي ۾ شامل ڪالي خان، آدم خان، مخان خان، روزي خان، عيسيٰ خان ۽ نيامت کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس موجب عورت جي ٻن ڀائرن عيسيٰ ۽ نيامت کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڊيرا غازي خان پوليس موجب بلوچستان جي علائقي لورالائي واسڻ  جاڙنا جا 6 پٽ ۽ 3 ڌيئرون آهن، هن تي نور شاهه نالي شخص سان لاڳاپن جو الزام هنيو ويو، جنهن کي 23 جون تي قتل ڪيو ويو آهي. جنهن جو ڪيس عورت جي ڏير ڪالي خان تي داخل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.